ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ماڻڪ گورنمينٽ سيڪنڊري اسڪول کي قومي ورثو قرار ڏيڻ بدران   ڊاهڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ماڻڪ اسڪول سميت ڪلاچي سوسائٽي جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. جسٽس حسن اظهر رضوي پڇيو ته سوسائٽي ڪيتري ۾ اسڪول خريد ڪيو، رهائشي توڙي ڪمرشل پلاٽس ڪيتري ۾ وڪرو ڪيا ويا؟ عدالت چيو ته جيڪڏهن ماڻڪ اسڪول سان هٿ چراند ٿي ته پوءِ پوري سوسائٽي انڪوائري هيٺ  ايندي.