ميهڙ (ن پ ا)ميهڙ شهر لڳ ميھڙ انڊس ھاءِ وي باءِ پاس روڊ تي دعا ھوٽل کان ڪار ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ ٻليدائي جو رھواسي امام الدين چانڊيو جو نوجوان پٽ موٽرسائيڪل سوار سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ميهڙ آندو ويو مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ ۽ ٽنگون ڀڄڻ سبب سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ريفر ڪيو ويو.