ميهڙ(ن پ ا) ميهڙ شهر جي مسئلن لاء جدوجهد لاء شهرين پاران ميهڙ فورم نالي سان تنظيم جو وجود آندو ويو ،وڪيل ذوالفقار علي کوکر ۽ جنرل سيڪريٽري وڪيل سعيد پنهور منتخب ،ٻيا عهديدار به چونڊيا ويا ،ميهڙ شهر جا مسئلا حل ڪرڻ لاء جاگرتا مهم هلائڻ جو اعلان خبر موجب گذريل ڏينهن ميهڙ شهر جي سڃاڻ ڌرين جو اجلاس ٿي گذريو ،جنهن ۾ ميهڙ شهر جي مسئلن جي حل لاء ميهڙ فورم جو قيام عمل ۾ آڻي ان جو صدر ايڊووڪيٽ ذوالفقار علي کوکر، سينئر نائب صدر امير علي پنهور، سينئر نائب صدر ڪليم الله تيوڻو،نائب صدر شير محمد آڳرو ،نائب صدر افضل حسين درياڻي ،جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ سعيد پنهور ،ڊپٽي جوائنٽ سيڪريٽري فهيم آفتاب جتوئي جوائنٽ سيڪٽري جان محمد جهنڊير ،پريس سيڪٽري طفيل احمد سولنگي منتخب ڪيا ويا ،اڳواڻن چيو ته شھر جي مسئلن جهڙوڪ صفائي، امن امان، تعليم اسان جا بنيادي مسئلا آھن انهن کي حل لاء جدوجهد ڪنداسين ۽ شهر جي مسئلن جي حل لاء شهرين ۾ جاگرتا مهم پڻ هلائي ويندي.