ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ٽي مهينا پهرين مائٽن هرچند ڪولهي سان شادي ڪرائي جتي مسلسل ڏير هري ڪولهي شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي لڄالٽ جو نشانو بڻايو مڙس کي اهڙي شڪايت ڪرڻ تي مڙس ۽ ڏير پاران وحشياڻو تشدد ڪري گهران بي دخل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو اظهار ميرپورخاص جي علائقي هاشم نگر واسي انيتا ڪولهي پنهجي ڀاءُ ڀيمون ڪولهي سان گڏ مڙس ۽ ڏير جي زيادتين خلاف صحافين اڳيان دانهيندي ڪيو. شريمتي انيتا ڪولهي ٻڌايو ته ٽي مهينا پهرين مائٽن هرچند ڪولهي سان شادي ڪرائي جتي منهنجو وڏو ڏير جيڪو شراب جو موالي آهي هن ڪيترائي ڀيرا مڙس جي غير موجودگي ۾ شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو. جڏهن ته ٽي ڏينهن پهرين ڏير جي اهڙي عمل خلاف مڙس کي شڪايت ڪئي جنهن تي مڙس ۽ ڏير مڇرجي ڪمري ۾ بند ڪري ڪپڙن کان آجو ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن بعد مائٽن پاران ڏيج ۾ ڏنل چوپايو مال، سون ۽ چاندي جا زيور ڦري گهران بي دخل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ڪٿي شڪايت يا دانهن ڏيڻ جي صورت ۾ مڙس ۽ ڏير پاران تيزاب هاري ساڙڻ، مائٽن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ سميت موتمار ڌمڪيون ملي رهيون آهن. هن وس وارن کانمطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڄاڻايل ماڻهن خلاف فوري طور ڪيس داخل ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.