ملير (رپورٽر) ملير ۾ 500 رپيا ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت جي پيدائشي طور هڪ ڄنگهه کان محروم معذور نياڻيءَ جا حوصلا بلند، تعليم حاصل ڪري ڊاڪٽر بڻجڻ چاهي ٿي. خبر موجب ملير جي علائقي شاهه ٽائون واسي پورهيت محمد بخش ڪورائي جي هڪ ٽنگ کان محروم 10 ورهين جي جي ٻاڙي رخسانه ڪورائي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجو والد 500 رپيا ڏهاڙي مزدوري ڪري اسان 6 ڀينرن، ٻن ڀائرن سميت 12 گهر ڀاتين جو پيٽ پالڻ لاءِ جتن ڪري رهيو آهي. مسواڙي گهر ۾ رهندڙ ٻارڙي ٻڌايو ته مون کي تعليم حاصل ڪرڻ جو بي انتهاشوق آهي، ٻين ٻارڙن کي اسڪول ويندو ڏسي روزانو اسڪول جي دروازي تي بيهي بيهي روئي واپس موٽي ايندي هيس. خواهش هئي ته مان به تعليم حاصل ڪريان، جنهن بعد هڪ اسڪول جي مالڪ مون کي داخل ڪيو ۽ ڪتاب وٺي ڏنا. هن چيو ته آئون تعليم حاصل ڪري غربت مان نڪري ڊاڪٽر بڻجي والدين ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ چاهيان ٿي. معذور ٻارڙي جي ماءُ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي معصوم ڌيءُ رخسانه کي تعليم حاصل ڪرڻ جو وڏو شوق آهي ۽ هو ڊاڪٽر بڻجڻ چاهي ٿي. هن چيو ته اسان وٽ ڪي به وسيلا نه آهن جو اسين پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏياري سگهون، منهنجي ڌيءُ پڙهائي جي شوق ۾ ڪجهه فاصلي تي قائم هڪ اسڪول جي دروازي تي روز ويندي هئي ۽ پڙهندڙ ٻارن کي ڏسي واپس روئندي گهر موٽيندي هئي ۽ چوندي هئي ته مان به پڙهڻ چاهيان ٿي. هن حڪومت ۽ سرندي وارن کي اپيل ڪئي ته منهنجي معصوم معذور ڌيءَ جي مدد ڪئي وڃي ته جيئن سندس ڊاڪٽر بڻجڻ جو خواب پورو ٿي سگهي.