ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص پريس ڪلب پاران پي سي بي گرائونڊ ۾ ٿيندڙ شهيد محمود سلطان چانڊيو 100 بال ليگ ڪرڪيٽ چيمپئن شپ ۾ کيڏيل پهرين ميچ ۾ عيسي واريئرز جي ٽيم ايم ڊي اسٽرائيڪرز جي ٽيم کي 5 وڪٽن کان هارائي ڇڏيو. ايم ڊي جي ٽيم 100 بالن تي 119 رنس ٺاهي سگهي، فهد سرهندي 61 ۽ شاهد بهلڪاڻي 27 رنس اسڪور ڪيو، ڪيا عيسي واريئرز جي زيشان 4 وڪٽون حاصل ڪيون. عيسيٰ واريئرز ٽارگيٽ 5 وڪٽن تي پورو ڪري ڇڏيو. زوهيب 43 ۽ رحيم الله 37 رنسون ٺاهيون.  ٻئي ميچ ۾ شهيد عمران اليون جي ٽيم تاج اليون جي ٽيم کي 9 وڪيٽن کان هارائي ڇڏيو.  تاج اليون جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي 100 بالن تي صرف 56 رنسون ٺاهي سگهي. شهيد عمران اليون جي ريحان نظام 4 ۽ شاهد 3 رانديگر آئوٽ ڪيا. شهيد عمران اليون مخالف ٽيم پاران ڏنل ٽارگيٽ 1 وڪٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو فراز سهتو 28 ۽ شهزاد 20 رنس ٺاهيون.