ڪوئيٽا (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل جي ٽيم ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز جي رانديگر افتخار احمد چيو آهي ته بابر جي ڪپتاني تي تنقيد “گناهه” آهي. هڪ انٽرويو ۾  افتخار احمد جو چوڻ هو ته هر ڪو ڄاڻي ٿو ته بابر اعظم جهڙو رانديگر دنيا ۾ ڪو به نه آهي. ڪپتان تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ ان طرح جا ڪرڪيٽر بڻجو، پوءِ ڳالهايو. ان کان اڳ اسلام آباد يونائٽيڊي جي ڪپتان ساداب خان بابت جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو هو ته شوقينن کي پاڪستاني ڪپتان جي قدر کي سمجھڻ گهرجي ۽ ان تي غير ضروري تنقيد نه ڪرڻ کپي.  قوم جي حيثِيت سان اسين بابر جو قدر نه ڪري رهيا آهيون. اسان کي بابر جو احترام ڪرڻ گھرجي، تنقيد ڪريو پر ڪنهن جي دل آزاري نه ڪرڻ گھرجي.