سوال/سروي … عوام سنڌ ۾ ڏوهه ۽ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ سردارن، وڏيرن خلاف آپريشن ۽ گرفتاري جو مطالبو ڪري ڇڏيو

0
280

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ رمارڪس ۾ چيو آهي ته سردارن کي جيل ۾ وجهو ڏوهاري پاڻهي پيش پوندا: ڇا سردارن خلاف ڪارروائي سان ڏوهه ۽ ڏوهاري ختم ٿي ويندا ؟ سردارن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن سنڌ ۾ بدامني جو ذميوار وڏيرن، ڀوتارن، سردارن کي قرار ڏئي ڇڏيو، سروي ۾ عوام پاران سردارن، ڀوتارن، وڏيرن خلاف آپريشن ڪري گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، سروي ۾ چيو ويو ته وڏيرن جو ساٿ ڏيندڙ پوليس ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، تنھن ڪري امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ ۾ سردارن پيرن ميرن ۽ وڏيرن جو گھڻو ھٿ آهي، سنڌ ۾ وڏيرا شاهي ختم ٿئي ته غريب عوام لاءِ بھتر آهي، سنڌ مان سرداري نظام کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي تڏھن سنڌ ۾ امن ٿيندو ۽ ماروئڙا سک جو ساھ کڻي سگھندا، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي گل حسن شر لکيو ته  جيڪي ڌاڙيلن جي سرپرستي ڪن ٿا انھن خلاف ضرور ڪارروائي ٿيڻ گهرجي اھا به حقيقت آهي ته سردارن جي سرپرستي کان سواءِ ڏوھاري ڪئين ٿا ايترا طاقتور ٿي سگھن اھا به ڏوھارين جي سپلاءِ لائين آھي اگر ان سپلاءِ لائين کي ڪٽي ڇڏجي ته ڪرائيم ختم ٿي ويندو، منظور علي زرداري لکيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو زبردست فيصلو سرداري نظام سنڌ لاءِ ناسور بڻجي چڪو آهي، عمران جوڻيجو لکيو ته ڪنهن کي به سردار چوڻو ناهي، جي آر چانڊيو لکيو ته سنڌ جي سمورن سردارن کي گرفتار ڪيو وڃي ته بھتر آهي سردار سرداري جي لباس ۾ ڌاڙيل ۽ قاتل آھن، مظفر بهاول لغاري لکيو ته  سرداري نظام ۾ اڪثريت ۾ غريبن کي نپوڙيو ويندو آهي. اهو سچ آهي ته تقريبن ڏوهن جا پير سردارن ڏانهن وڃن ٿا. هن نظام ۾ بيروڪريٽ به ڄڻ سردارن جا ڪمدرا هجن جيڪي ٿاڻي کان وٺي تقريبن آفيسون سندن اوطاقون لڳن ٿيون. آخر قانون جي اکين ڇو ٻڌي صرف سندن اڳيان مسڪينن کي ڇڏيو ويندو آهي. شنڪر لال لکيو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ گرفتاري ٿيڻ گھرجي،سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو فيصلو قابل تعريف آهي، قربان علي ميراڻي لکيو ته قانون سڀني لاءِ برابر ھئڻ گھرجي جيڪڏھن سردار اھڙي قسم جا ڌاڙيل ڪلچر سان وابستا آھن ته پوءِ قانوني کان آجا ڇو منھنجي ذاتي راءِ آھي ته سڀ سردار به ائين ڪونه ھوندا، مراد علي لکيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ اھو فيصلو بلڪل درست آهي ته ڏوھاري سرگرمين ۾ ڀوتار۽وڏريرا ملوث آهن انهن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻي ڏوهه ختم ڪرائي سگهجن ٿا، سردارن جي ايوان ۾ ويٺل ڪامورا سپورٽ ڪن ٿا اھا سپورٽ ختم ٿيڻ گهرجي تڏهن وڃي امن ٿيندو، حاڪم علي ڪٽوهر لکيو ته سردارن جي جيل وڃڻ سان ڏوھاري به ختم ٿي ويندا ظلم ۽ غلامي جو خاتمو ٿي ويندو، محمد حسين لکيو ته سنڌ ۾ وڏيرا شاهي ۽ سرداري نظام هلي پيو ڪڏهن به امن نه ٿيندو نه وري ڪنهن غريب کي انصاف نه ملندو، موهن لال لکيو ته خاص ڪري سنڌ ۾ سردار کي ايم پي اي، ۽ ايم اين اي طور چونڊيو وڃي ٿو بعد ۾ اهو سردار حڪومت جو حصو بڻجي ويندو آهي، انهن خلاف ڪهڙي ڪاروائي ٿيندي،رفيق ميتلو لکيو ته غلامي کان نجات جو واحد حل تعليم آھي اسڪول آباد ڪيو ڀوتارن جا بنگلا پاڻھي خالي ٿي ويندا،  محمد اقبال نهڙي لکيو ته سنڌ ۾ جيڪي ڏوھه ٿين ٿا انهن ۾ سئو سيڪڙو ڀوتارن جو هٿ هجي ٿو، ڀوتارن جي خلاف به آپريشن ٿيڻ کپي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو بھترين فيصلو آهي، نظير سوهو به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالحئي ساوند لکيو ته بلڪل سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو درست آھي پنهنجي سوچ جي مطابق سردار ئي اصل جهيڙن ۽ ڏوهن جي جڙ آھن، پاڻ به راڄوڻي سسٽم جو حصو آھيون اکين ڏٺيون ۽ ڪنن ٻڌيون ڳالهيون ته سردار ئي ماڻهن کي ڏوهاري ۽ قاتل بڻائڻ جون اهم فيڪٽريون آھن، اسد زرداري لکيو ته سرداري نظام سنڌ کي تباھ ڪيو آھي هر غير قانوني مسئلن جو بنياد سياسي وڏيرا ۽ سردار آهن، ھر ڏوھه وڏيرا ڪرائن ٿا ۽ ڏوھارين کي پناھه به سردار ڏين ٿا سنڌ جا سياسي وڏيرا ھر ڏوھه ۾ ملوث ھوندا آھن سنڌ ۾ تعليم جي تباھي ڪرمنل وارداتن چورين ڦرن مطلب ته ھر اهڙي ڪم ۾ ملوث وڏيرا آهن، حفيظ ملاح لکيو ته ڌاڙيل ته نالي ۾ آهن اصل ڌاڙيل وڏيرا ۽ حڪمران آهن جن غريب بي پهچ ماڻهن جي زندگي مفلوج ڪري ڇڏي آهي تمام افسوس جي ڳالهه آهي اسان جي ملڪ کي اسلامي جمهوريه پاڪستان ته سڏيو وڃي ٿو پر ان تي عمل ڪرڻ وارو ڪوئي ناهي هتي امير لاءِ الڳ ته غريب لاءِ الڳ قانون جڙيل آهي اصل ۾ قانوني حڪمراني هجڻ گهرجي جنهن ۾ هر ڪنهن کي برابر سمجهيو وڃي، اياز علي راهوجو لکيو ته سردارن کي جيل موڪلجي ته فيصلا ڪير ڪندو، زوهيب لاڙڪ لکيو ته جھڙي يورپ يونين ۾ ڏوھاين سان ٿيندي آهي، ذوالفقار راهمون لکيو ته ڌاڙيل ڪلچر جي پيداوار شروع ٿيندي ئي سرداري نظام کان آهي، فدا حسين لکيو ته حيدرآباد قاسم آباد ۾ به هڪ سردار جا ڪمدار غريبن تي روز ظلم ڪن ٿا، علي نواز کوسو لکيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو تمام بهترين فيصلو آهي سردار مير پير امن امان نٿا چاهين اگر امن امان جي صورتحال بهتر ٿي  ته سردارن جون اوطاقون ويران ٿي وينديون تنھن ڪري امن امان جي صورتحال خراب ڪرڻ ۾ سردارن پيرن ميرن ۽ وڏيرن جو گھڻو ھٿ آهي سنڌ ۾ وڏيرا شاهي ختم ٿئي ته غريب عوام لاءِ بھتر آهي غريب عوام وڏيرن جي غلامي ۾ قيد آهي، شوڪت نهڙيو لکيو ته بلڪل درست ڳالهه آهي، خدا بخش ڪنڀر لکيو ته سنڌ ۾ سرداري نظام ناسور آھي جنھنکي ھر حال ۾ ختم ڪيو وڃي سردارن خلاف ڪورٽ جي راءِ جو احترام ڪيون ٿا ۽ ظلم ۽ ظالم جي خلاف قدم کنيا وڃن، دليپ ڪمار لکيو ته بلڪل سردارن جي خلاف ايڪشن ٿيڻ کپي، عرفان ملاح لکيو ته ڌاڙيل چور ۽ ڀتا خور هميشه سردارن ۽ سياستدانن جي سرپرستي ۾ پليا آهن، مير صاحب لکيو ته ڪارروائي ڪير ڪندو، محمد اويس پٺاڻ لکيو ته مُک جوابدار اهي وڏيرا سردار ئي ته آهن. انھن کي جيل موڪلڻ تعريف جوڳو عمل هوندو، نعمت الله راهمون به سروي ۾ حصو ورتو، عطاءُالله جروار لکيو ته بلڪل اها حقيقت آهي هر غير قانوني مسئلن جو بنياد سياسي وڏيرا سردار آهن ڏوهه به اهي ٿا ڪرائن ۽ ڏوهاري به انهن جي پناه ۾ هوندا آهن سنڌ جا سياسي وڏيرا ڪرمنل وارداتن ڏوهن سميت غير قانوني پناهگيرن کي قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ڏيڻ تائين هر ڪاري ڌنڌي ۾ ملوث آهن، فقير ايم ايچ لکيو ته سنڌ مان سرداري نظام کي مڪمل طور تي ختم ڪيو وڃي تڏھن سنڌ ۾ امن ٿيندو ۽ ماروئڙا سک جو ساھ کڻي سگھندا، عنايت الله راهمون لکيو ته شهيد علامه ڊاڪٽر خالدمحمود سومرو 2014 شهادت واري رات اهيا تجويز پنهجي زندگي جي آخري تقرير ۾ ڏني هئي ته ظالم سردارن ۽ ڀوتارن کي گرفتار ڪري سنڌ ۾ امن امان ڪيو وڃي، شيراز احمد لکيو ته جسٽس صلاح الدين پنھور جي اڳواڻي ۾ عدالتي ڪميشن جوڙي وڏيرا شاهي/سرداري نظام کي پاڙان پٽڻ گھرجي، تسليم احمد ڪوري لکيو ته سرداري نظام سنڌي قوم کي غلام بڻائي ڇڏيو آهي، اهڙو ڪو آئين جوڙيو وڃي جنهن مطابق سردار سڏائيندڙن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي، تڏهن ئي هن معاشري مان ڏوھ ختم ٿيندا، علي گل چانڊيو لکيو ته سردارن جا گهر بنگلا چيڪ ڪيو توهان کي  هٿيار ملندا ، عارف علي لکيو ته سردار يا پير جيڪو سياستدان به آهي، پوليس ۽ ڪامورو هن سڙيل ۽ بدبودار نظام کي گڏجي ٿا پروان چاڙهين. انهن کان ڇوٽڪاري ڪاڻ ماڻهن کي پنهنجا رويا تبديل ڪرڻا پوندا، علم کي هٿيار بڻائڻو پوندو ۽ سياسي شعور جو سهارو وٺي رياست کي پنهنجي آئيني ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪرڻو پوندو. محمد ميرڻ جکراڻي لکيو ته حقيقت آھي حد جا سردار جيل م هوندا ته ڏوهه بلڪل نه ٿيندا، حاجي عبدالعزيز لکيو ته اھيو ڪم آغا شاھي ڪيو، امن ٿي ويو، نورمحمد سومرو لکيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جا رمارڪس بهتر ۽ 100 سيڪڙو سچا آهن ڌاڙيلن جا سهولتڪار سردار مير پير ۽ وڏيرا آهن، جيڪڏهن سنڌ جي سمورن وڏيرن سردارن جي موبائيل جو رڪارڊ ورتو وڃي ته ڌاڙيلن جا سهولتڪار ۽ انهن کي هٿيار ۽ سمورو سامان سردار ۽ انهن جا ساٿاري پهچائيندا آهن، جاويد جمالي لکيو ته ڌاڙيلن جي صفائي لاءِ سردار ۽ سردارن جي صفائي لاءِ پوليس کي سڌارڻو پوندو، آدم پتافي لکيو ته بلڪل صحيح چيو آهي جج صاحب!! سردارن کي جيل ۾ وڌو وڃي، سرتاج حِدر لکيو ته سنڌ جي تمام سردارن کي گرفتار ڪرڻ ايڏو مشڪل ڪم ناھي پر انتظاميا جي اڳيان اھو ممڪن تڏھن ٿي سگھي ٿو جڏهن ھر ضلعي جي انتظاميه ، وڏيرن جي اوطاق تي اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏئي ، ۽ سرڪاري ادارن مان سياسي مداخلت ختم ڪئي وڃي ، فيض درس لکيو ته سنڌ ۾ بدامني جي پٺيان وڏو هٿ سردارن وڏيرن ۽ ڌارين لوڌ جو آهي سردارن سان گڏ ڌارين لوڌ کي بهي نيڪالي ڏيو ، عبدالحميد ابڙو لکيو ته منهنجي خيال ۾ته ڪورٽ سڳوري جو فيصلو درست آهي پر سوال اهو آهي ته ڇا ڪورٽ سڳوري جي فيصلي تي سنڌ حڪومت پنهنجي ئي پارٽي جي وڏيرن خلاف ڪارروائي ڪندي منهنجي خيال ۾ ته ڪڏهن سنڌ حڪومت پنهنجي پير تي ڪھاڙي نه ھڻدي، مير شاهه محمد بلوچ لکيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو بهتر آهي پر انهي تي عمل ڪندڙ ڀوتارڪي نظام جي ور چڙهيل پوليس ڪئين ٿي حڪم جي بجا آوري ڪندي.؟ اهو ته وقت ٻڌائيندو. ، شاهه محمد لکيو ته گرفتار ڪير ڪندن پوليس ته سردارن جي غلامي ڪرڻ ۾ پوري آهي، سکا لاشاري لکيو ته رڳو سردار نه سياسي ماڻهو به، سجاد جمالي لکيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته انھي فيصلي تي عمل ڪرائي، حاجي خان پنهور لکيو ته قانون پنهنجي رٽ بحال ڪري ته وڏيرا پاڻهي چپ ٿي ويندا جڏهن سفارشي ڪلچر ختم ٿيڻ سان ئي بهتر نتيجا اچڻ شروع ٿي ويندا، آصف علي ابڙو لکيو ته بلڪل ڪافي حد تائين ڏوهن ۾ گهٽتائي ايندي , سنڌ ۾ اهڙي قسم جي ڏوهارين جي سهولتڪارن کي اندر ڪرڻ کپي، بشير ميراڻي لکيو ته سردارن سان گڏ انهن جي سھولتڪارن وزيرن کي به گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ته پوءِ ڏوهه ختم ٿي ويندا.  الياس سمون لکيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اعلان عمل جوڳو آهي سردارن جي وجه سان ڏوھ ٿين ٿا، احمد بلوچ لکيو ته سنڌ ۾ سردارن کي رياست جي سپورٽ آھي ڪارروائي ڪو نه ٿيندي، محمد موسيٰ لغاري لکيو ته گهوٽڪي ضلعو ڏوهارين جي ور چڙهيل آهي ڪجھ وقت اڳ گهوٽڪي ۾ ايس ايس پي پير محمد شاھ آيو انهي سردارن جاگيردارن تي دٻائو وڌو ان جي دٻائو تي ڪافي چورن کي جيل ڀيڙو ڪيو ويو جنهن سبب ڪافي حد تائين امن ٿي ويو هو ان جي بدلي ٿيڻ کان پوءَ آھستي آهستي وري گهوٽڪي ضلع جي امن امان جي حالت تباهه ٿي وئي آهي، خير محمد مگسي لکيو ته سنڌ ۾ چورين ڦورن ۽ قبائلي تڪرارن جي پويان اڪثر سردارن جا هٿ آهن، ممتاز علي مهر لکيو ته ان ۾ ڪو شڪ ناھي سنڌ جا 80 فيصد سردار ڏوھاري پالين ٿا حڪومتي ڌر سان سلھاڙيل ھر ننڍو وڏو سردار ڀوتار ڏوھارين جو سپورٽر آھي جيستائين پوليس مان سردارن جي مداخلت ختم نہ ٿيندي تيستائين ڏوھارين ۽ ڏوھن جو خاتمو مشڪل نه پر ناممڪن آھي، منٺار علي لغاري لکيو ته عدالت جو بھترين فيصلو آهي ان تي عمل ڪير ڪرائي، محمد موسيٰ کٽي لکيو ته بلڪل فيصلو صحيح آهي جيڪو غلط ڪم ڪري ان کي سزا ڏني وڃي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته بلڪل سرداري نظام سنڌ کي تباھ ڪيو آھي هر غير قانوني مسئلن جو بنياد سياسي وڏيرا ۽ سردار آهن، محمد فياض وساڻ لکيو ته سنڌ م وڏر شاهي ۽ سردارانظام هلي پيو ڪڏهين به امن نه ٿيندو نه وري ڪنهن غريب کي انصاف نه ملندو، رسول بخش بروهي لکيو ته بلڪل سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو درست آھي، ولي الله جمالي لکيو ته سنڌ ۾ ٿيندڙ ڏوهن ۾ وڏيرن ۽ سردارن جو ئي هٿ هجي ٿو،  ڀوتارن جي خلاف به آپريشن ٿيڻ کپي،عبدالقيوم لغاري لکيو ته سنڌ جي سمورن سردارن کي گرفتار ڪيو وڃي، ميانداد مري، ايم حفيظ، مهدي حسن، مير ارشاد خان، ڊاڪٽر امير علي خاصخيلي، اشفاق علي هيسباڻي، صدام سنڌي، نارائڻ داس، اختر حسين، بشير ميراڻي، توفيق ايم کهاوڙ، علي مراد بلوچ، اسلم سومرو، خالد حسين نائچ به سروي ۾ حصو ورتو.