ڪاڇي جو قربدار جوهر جوهردار!

(حصو پهريون)

مولانا جوهر بروهي ڪنھن به تعارف ۽ تعريف جو محتاج ناهي. سندس اصل نالو عبدالقيوم آهي، هيءُ هن جديد دور جو جيد عالم، گهڻ پاسائين شخصيت آهي. پاڻ هڪ سڄاڻ، ڏاهو، معتبر ۽ پاڙهو شخص آهي. هن جو علم و ادب سان ننڍي هوندي کان ئي تعلق رهيو آهي ۽ رهندو پيو اچي. هن وقت پاڻ 73 سالن جي ڄمار کي پهتو آهي، ان حساب سان سندس ڄمڻ جي تاريخ 29 جنوري 1950ع آهي. ان عمر هوندي به علم و ادب ۾ سندس ڪم سڀني کان نرالو آهي. هن وقت تائين سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو اٽڪل 70 آهي. ان کان سواءِ ڪيترائي مضمون ۽ مقالا مختلف ڪتابن ۽ رسالن ۽ اخبارن جو سينگار بڻيا اٿس. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ مضمونن جو ڪيتروئي تعداد آهي. هن عمر ۾ به قلم جي ڪئونتل کي ڪڏائيندو رهي ٿو. مولانا عبدالقيوم جوهر کي آئون اٽڪل 7 سالن کان ڄاڻان سڃاڻان. سندس نالي کان ته گهڻو اڳ غائباڻي طور آگاھ هئس، دل چاهيندي هئي ته جيڪر مولانا جوهر صاحب سان وڃي ڪچهري ڪجي، ڇو ته ڪيترائي ڀيرا منهنجو هن شهر مان گذر ٿيو آهي. هتان لنگهي شاھ گودڙيي جي زيارت لاءِ وڃڻو پوندو آهي. هاڻ به اها ئي سڪ رکي شاھ گودڙيي تي ڪڏهن ڪڏهن وڃڻ ٿيندو آهي ۽ جوهر صاحب سان به اهڙيءَ ريت ملاقات ٿي ويندي آهي. هر سال ٻه ٽي ڀيرا وڃڻ ضرور ٿيندو آهي. هن کي جو مون وڃي ڏٺو ته مون سان ايئن مليو جو ڄڻ اڳ ئي واقف هئاسون، مون کيس گل ورهائيندي ڏٺو. خوش گفتاريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اهڙي خوبي هر ڪنهن ۾ نه هوندي آهي. هيءُ ته سراپا هر وصف ۽ هر اکر ۾ سهڻو سيبتو ۽ قول جو پڪو پختو ۽ مهان ماڻهو آهي. هن جي سرشت ۾ بس ٻين خوبين سان گڏ هيءَ به اعليٰ خوبي آهي جيڪا هو کلندي ۽ مرڪندي گذاري رهيو آهي. جنھن ڪري اها خوبي کيس سدا بهار ۽ تازو توانو رکيون ٿي اچي. هن جي اندر ۾ خام خيال ۽ ڪام ڪروڌ يا ڪاوڙ جو نالو نشان ئي نه آهي. اهڙيءَ ريت پاڻ هروقت هميشه هشاش بشاش ۽ خوش خرم ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ ڪلھ جا اديب ۽ شاعر پاڻ کي تيسمار سمجهندي گهڻائي ڏٺا آهن پر جوهر صاحب ۾ خدا تعاليٰ اهڙو ته جوهر رکيو آهي جو هرڪو هن جي جوهر جو معترف ٿيو پوي. مولانا جوهر کي ڪير نه سڃاڻي. هيءُ هر وقت خوش خُلق ۽ خوش اخلاق نظر ايندو رهندو آهي. وڏائي ته سندس سرشت ۾ شامل ئي نه آهي. سدائين وڏائيءَ کان ونئونُ ويندو آهي. هن جي شاعريءَ کي جڏهن پڙهجي ٿو ته ايئن ٿو محسوس ٿئي ته هن پنهنجي ديڳڙي پاڻ چاڙهي آهي. ڪنهن به شاعر جو مٿس اثر نه آهي. سندس شاعري مهراڻ ۽ گل ڦل ۽ نئين زندگي رسالن ۾ پڌري آهي ۽ سندس شاعري پڙهڻ ۾ نهايت سولي ۽ سهل آهي. هرڪو ئي سندس شاعريءَ کي سولائيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو.(جاري)

ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي/لاڙڪاڻو

سنڌين لاءِ ضياءَ ۽ زرداري ۾ ڪو فرق ناهي!

شهيد محترمه بينظير ڀٽو وقت جي آمر جنرل ضياءَ جي دور ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جدوجهد ۽ جاکوڙ ڪرڻ جي ڪري رياستي عتاب ۽ عذاب جو شڪار رهي، افسوس آهي جو اڄوڪي ان ئي پارٽيءَ جي حڪومت ۾ احتجاج ڪرڻ تان سنڌ جي سرگرم عورت اڳواڻ سنڌو نواز گهانگرو ۽ سندس ساٿين تي پوليس تشدد سان گڏ مٿن دهشتگرديءَ جا ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ واري عمل مان اسان ڇا سمجهو ته هينئر به سنڌين لاءِ ضياءُ ۽ زرداريءَ ۾ ڪو فرق آهي يا نه؟ ملڪ ۾ جمهوريت جو به ڪو سج اڀريو آهي يا نه؟ ملڪي آزاديءَ جي 75 ورهين ۾ بس رڳو چهرا تبديل ٿيندا رهيا آهن باقي آمريت ته اڄ به ساڳي نظر اچي رهي آهي. اهو ڪٿان جو انصاف آهي ته ڪنهن به انسان کي سندس جمهوري حق کان روڪيو ۽ ان تي تشدد ڪيو وڃي، اها به عورت زات ۽ سنڌ جي نياڻي جنهن نياڻيءَ جي سنڌ جو ٻچو ٻچو عزت ڪندو آهي، پوءِ اها ڀلي سنڌو نواز گھانگھرو ئي ڇو نه هجي، ڇو ته اها به هڪ نياڻي آهي، سنڌ جي نياڻي. توهان کي سنڌ جي عزت جو مان رکڻو پوندو نه ته سنڌي پنهنجي عزتن ۽ نياڻين، نندگن ۽ دنگن جو خيال ڪرڻ ڄاڻين ٿا.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

مھانگائي ۾ ماڻھو کاڌو کائي يا علاج ڪرائي؟

جيئن ته ھر ھڪ ڄاڻي ٿو ته بيماري نه چاهڻ باوجود انسان کي لگي ويندي آھي ۽ ھن شيءِ کي ڪير به روڪي نٿو سگھي، ماڻهو جيڪڏھن سادي بخار لاءِ ڪنھن پرائيويٽ اسپتال يا ڪلينڪ ۾ وڃي ٿو ته اتي 5 ھزار کپيو وڃن، غريب ماڻهو سڄو ڏينهن مزدوري ڪرڻ کان پوءِ به صرف 800 رپيا ڪمائي ٿو، اھو ماڻهو بيماري جو علاج ڪيئن ڪرائي؟ مان ھتان نوابشاهه جي ڳالهه ڪريان ته ٻارڙن جا ڪافي ڊاڪٽر آھن، جن جي 2 ھزار کان مٿي فيس آھي، مان نالا ظاھر نٿو ڪري سگھان، سو گورنمينٽ اسپتالن جي ڳالھ ڪريان ته سرڪاري اسپتال ۾ وڃڻ ته آزار آھي، ڇو ته او پي ڊي ۾ وڃ ته اتان جا ڏاڪٽر پاڻ دوا ناهن ڏيندا پر ڪنهن ٻي ڊاڪٽر ڏي موڪليندا آهن، وري اھو ٽئين ڏي موڪليندو آهي، آخر ماڻهو ڀڄي ڊُڪي ڊاڪٽر کان پرچو وٺڻ کان پوءِ دوا نٿا ڏين ۽ عمارتن ۾ ڪا به سهولت ناھي، ان کي به ترتيب سان ڪيو وڃي ۽ اتان جا ڊاڪٽر ھڪ ته اھل ئي ناھن ٻيا جيڪي اھل ۽ قابل آھن اھي سرڪاري اسپتالن کي ڇڏي پرائيويٽ اسپتالن ۾ موجود آھن ۽ ان سان گڏ مان پنھنجو ذاتي مثال اڳيا رکي ڳالھ ٿو ڪيان ته ڪجھ مھينا اڳ جي ڳالھ آھي، منھنجي ھڪ مائٽ کي ڦڦڙن جي تڪليف ٿي، اسان ان کي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايو، لڳ ڀڳ 2 ھفتن کان داخل ھجڻ بعد ان کي ڪو فرق نه ٿيو ۽ نه وري ڊاڪٽرن کي بيماري جي خبر پئجي سگھي، مان ميڊيڪل کاتي کي التجا ٿو ڪريان ته پرائيويٽ اسپتالن جي ڊاڪٽرن خلاف نوٽيس ورتو وڃي ۽ انهن جي فيون گهٽ ڪرايون وڃن ۽ مريضن تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن خلاف به نوٽيس ورتو وڃي.

محمد  حسين/نوابشاھه

ملڪي ترقيءَ لاءِ نوجوان پنھنجو ڪردار ادا ڪن!

اڄ جي ڊجيٽل دنيا ۾ ترقيءَ جا رستا ايئن کليل آھن جيئن صحتمند پکي جيڏانهن چاھي اڏامي ۽ پنھنجي منزل ماڻي ۽ ماضيءَ جو خط به اڄ ايس ايم ايس ۾ تبديل ٿي ويو آهي جيڪو خط ٻن ٽن ڏينھن ۾ مس وڃي پنھنجي منزل تي پڄندو ھو، اڄ اھو سيڪنڊن ۾ پنھنجي منزل تي پهچي وڃي ٿو. اھو ھڪ ننڍڙو ۽ سولو مثال آھي، اھڙا ڪافي مثال موجود آهن، جي اڄ جي نوجوان نسل کي ضرورت آهي ته رڳو وقت ۽ موجوده انٽرنيٽ جي صحيح استعمال ڪرڻ جي ضرورت آھي، ته اھا تڏھن ٿيندي جڏهن هاڪاري سوچ ھوندي جڏھن ملڪ سان محبت ھوندي، جڏھن بلند حوصلا ھوندا، جڏھن تاريخ سان واقفيت ھوندي، خصوصن تاريخ پاڪستان سان واقفيت ھوندي ته ھن ڌرتيءَ تي عظيم مقصد لاءِ وطن عزيز جي قيام لاءِ ڪيترا ڪونڌر ڪٺل آھن، ڪيتريون قربانيون ڏنل آھن؟ تڏھن خواجه محمد صديق جھڙا جوان پيدا ٿيندا، خواجه تحريڪ پاڪستان جو پھريون شھيد آھي، جنھن جي شھادت وقت سندس عمر فقط 18 سال ھئي، وطن عزيز جي پھرين شھيد جو درجو ماڻي ويو. پھريون ته جذبو ملڪ ٺاهڻ جو ھو پر اڄ ملڪ سنوارڻ ۽ سنڀالڻ جي جذبي جي ضرورت آھي ۽ اڄ ملڪ کي خوشحاليءَ طرف کڻي ھلڻ جي ضرورت آھي. پھريون اسان کي وطن عزيز جي ضرورت ھئي، اڄ وطن عزيز کي اسان جي ضرورت آھي ته جيئن وطن عزيز وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور بڻائڻ ۾ نوجوان پنھنجو ڪردار ادا ڪن. عوام ۽ پاڪ فوج ۾ چاھ ۽ تقويت وٺي پر افسوسناڪ ڳالھ اھا آھي ته اڄ جا ڪافي نوجوان پبجي جھڙين گيمز ۾ مصروف آهن ته ڪي وري ڀوتارن جي اوطاقن تي موڙا پيا ڇنن ۽ سٺا سٺا ڳڀرو نوجوان ته مخصوص پنھنجا پنھنجا اڳواڻ ٺاھيو بيٺا آھن ۽ سمجھن ٿا ته اسان جو ڪو مثال ئي نه آھي. افسوس صد افسوس، ڪاش اڄ ٻه قومي نظريي جو باني سرسيد ھجي ھا ته اھو اڄ جي نوجوانن لاءِ به تھذيب الااخلاق جھڙو رسالو لکي ھا، فيس بڪ تي انھن جي سماجي، اخلاقي، معاشي حالت بهتر ڪرڻ لاءِ پيج ٺاھي ھا، مشھور راڳين کان مسدس حالي جھڙا نظم لکرائي ۽ چورائي ھا ته جيئن نوجوان نسل پنهنجي قومي سڃاڻپ اجاگر ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پوي، اھڙي طرح محنت ۽ جاکوڙ ڪري وقت ۽ انٽرنيٽ جو صحيح استعمال ڪجي جيئن ملڪ ترقي ۽ خوشحالي طرف وڌي، نوجوان ھر اھا ممڪن ڪوشش ڪري جنھن سان وطن ترقي ڪري سگھي، جواني ھڪ اھڙو ھٿيار آھي جو ڪو نوجوان ان جو چڱيءَ طرح استعمال ڪري ته ھميشه جي زندگيءَ ماڻي سگھن ٿا، جنھن جو ڪڏهن به زوال نه آ نه موت آ. جي ھا جڏھن بلند حوصلا ھوندا ته پوءِ ڇو نه جوڌا جوان پيدا ٿين، جيڪي ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪن.

(ايم فل اسڪالر) عبدالقدير جانوري/ خيرپورميرس

ڊجيٽل آدمشماري

۽ سنڌ جا خدشا!‎‎

وسيلن جي ورڇ آدمشماريءَ وسيلي ڪئي ويندي آھي، حڪومت  اڳتي لاءِ رٿابنديءَ تيار ڪندي آهي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪندي آهي، مطلب ته ھي ھڪ اھڙو جامع عمل آهي جنهن سان وقت جي حڪومت پنهنجي عوام لاءِ بنيادي ضرورتن جھڙوڪ اسپتالون، زراعت، روڊ رستا، بجلي، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ پيئڻ جي پاڻي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙيندي آهي.  پاڪستان ۾ آدمشماريءَ جيڪا قانون موجب ھر 10 سالن بعد ٿيڻي آهي، گذريل آدمشماريءَ جيڪا 2017ع ۾ ڪئي وئي هئي، جنھن کانپوءِ وري ستين تڪراري آدمشماريءَ 2027 ۾ ٿيڻي ھئي پر سنڌ جي ڪيترن خدشن باوجود اڄ کان ڊجيٽل آدمشماريءَ جي شروعات ڪئي وئي آهي، جنھن کي سنڌ جي باشعور عوام رد ڪري چڪو آھي، ھر 10 سالن کان ٿيندڙ ڳڻپ تڪرار جي ور چڙهي ويندي آهي، غلط انگ اکر پيش ڪيا ويندا آھن، جنھن سبب صوبي جي ماڻھن ۾ احساس محروميءَ واري ڪيفيت پيدا ٿيندي آهي، شفاف آدمشماريءَ نه ٿيڻ ڪري وسيلن جي ورڇ به صحيح نه ٿي ڪئي وڃي، ڊجيٽل آدمشماريءَ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ سان دال ۾ ڪجھ ڪارو نظر اچي رھيو آھي، بنا سڃاڻپ ڪارڊ جي رھندڙ ڌارين کي به ڳڻيو ويندو، ان ڪري برمي، بنگالي، افغاني، بھاري ۽ ٻين ڌارين کي ڳڻڻ جو خدشو آهي، جنھن سبب صوبي جي اصل مالڪن سان ناجائزي آهي، جنھن ۾ ويتر آدمشماريءَ ۾ ھيراڦيري جو خطرو وڌي ويو آھي. اڳئي سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري لاڳيتو وڌي رھي آھي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ان حساس مسئلي تي ڌيان نه ڏنو آھي، ڌاري آبادڪاري وڌڻ ڪري صوبي ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار نه ملڻ، بيروزگاري، لاقانونيت، غربت، دھشتگردي وغيره جھڙن مسئلن ڪر کنيو آھي، سنڌ جي ماڻھن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. قوم جو مستقبل آدمشماريءَ سان سلهاڙيل ھوندو آھي. ڪنھن به قوم جا صحيح انگ اکر آدم ڳڻپ سان ملن ٿا. جيترو ھي ڪم صاف شفاف، ايمانداري ۽ ذميواري سان ٿيندو اوترو ان قوم جا حق محفوظ رهندا. حڪمرانن خودغرضي واري ننڍ ستل آهن، جنھن ڪري سنڌ تمام گهڻو ڀوڳي رھي آھي. افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت اچڻ بعد لکين افغانين پاڪستان جو رخ ڪيو، جڏھن ته وڌ مان وڌ افغاني پناهگير سنڌ ۾ آباد ڪيا ويا آهن. سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري لاءِ عالمي يتيم خانو قائم ڪيو ويو آهي. تاريخ ڀري پئي آهي، پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌ سان ناانصافي ۽ حقن تي ڌاڙا هنيا ويا، پوءِ چاھي آدم ڳڻپ ھجي، سنڌ جا وسيلا ھجن، زمينون ھجن، ٻيٽ ھجن، ڪوئلو ھجي، گئس جا ذخيرا ھجن، سنڌو درياهه جو پاڻي ھجي، ڌارين آبادڪاري ھجي، معدني وسيلا ھجي، سنڌ کي حق نه ڏئي ان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو ويو آهي. سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪيو ويو آهي، ھاڻ آدمشماريءَ شروع آهي، سنڌ جي ھر باشعور فرد کي پنھنجو قومي ڪردار ادا ڪري مھمون ھلائي پنهنجي گهر جي سمورن ڀاتين کي ڳڻپ واري عمل ۾ شامل ڪرائي جيئن ڪو رھجي نه وڃي، ٻولي واري آپشن ۾ سنڌي لکرائي مھذب قوم ھئڻ جو ثبوت ڏيون، جيڪڏهن ڪنھن به قسم جي ھيراڦيري نظر اچي ته اسان فورن ان ڪڌي ڪم جو نوٽيس وٺي اعليٰ اختيارن تائين پهچايون.

باسط علي رند/مقصودو رند

ڊي آءِ جي سکر پاران وومين ويلفيئر ڊيسڪ قائم!

ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي پاران بهتر حڪمت عملي ۽ قدمن بابت پوليس سکر رينج ۾ پنهنجي ڪم ۾ اڳڀري رهندي پئي اچي، جنهن ڳالهه جو ڪو شڪ ناهي ته ڊي آءِ جي سکر انقلابي قدم کڻندي سنڌ ۾ پهرين وومين ويلفيئر ڊيسڪ قائم ڪئي آهي ۽ گڏوگڏ سکر رينج جي ٽن ضلعن سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ۾ پوليس جي 33 عورتن کي ڪاروڪاري جهڙي ڪڌي رسم جي ور چڙهڻ کان بچائي ورتو، هن وقت سکر رينج ۾ پوليس طرفان اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سنجيدگيءَ سان اوليتي بنيادن تي قدم کنيا ويا آهن، جنهن سبب اهڙي قسم جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي جيڪي پوليس طرفان بيگناهه عورتن جي جان بچائڻ ۽ اهڙي ڪڌي رسم جي ور چڙهڻ کان بچاءُ لاءِ وڏا ۽ بهترين قدم آهن جنهن لاءِ ڊي آءِ جي آفيس ۾ خاص طور ان بابت ڊيسڪ قائم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ پوليس آفيسرن ۽ عورت پوليس آفيسرن تي ٻڌل ٽيمون بروقت اهڙي قسم جي اطلاع تي علائقي ۾ عورتن کي جان جو خطرو هجي ۽ ڪاروڪاري سبب قتل ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو هجي، تنهن لاءِ پوليس بروقت ڪارروائي ڏيکاريندي. ان کان سواءِ سکر رينج پوليس ڏوهه ڪندڙ عنصرن ۽ معاشرتي براين جو خاتمو ڪرڻ ۾ مصروف آهي. اتي وومين پروٽيڪشن سيل عورتن جي امداد ۾ پڻ مصروف آهي، ان کان سواءِ ڊي آءِ جي سکر شهيد پوليس اهلڪارن جي بيواهن ۽ ٻارن جا مسئلا وومين ويلفيئر ڊيسڪ ذريعي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهي، جيڪا ڊيسڪ عورت اهلڪار شهيد اهلڪارن جي بيواهن سان انهن جي گهر وڃي پاڻ ملاقاتون ڪري انهن جا مسئلا معلوم ڪنديون آهن ۽ کاتي پاران مليل انعام ۽ تحفا پاڻ انهن تائين پهچائينديون آهن، جيڪا ڳالهه وومين ويلفيئر ڊيسڪ پاران انهن جي ڪم جي سارا جوڳي آهي، تنهن سان گڏوگڏ ڏوهه ڪندڙ عنصرن، منشيات فروشن ۽ معاشرتي براين ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ خاص طور تي عورتن جي تحفظ ۽ انهن کي فوري رليف فراهم ڪرڻ تائين پنهنجون حڪم عمليون مرتب ڪندي رهي ٿي.

محمد اسلم ماڪو/ پنوعاقل

هڪ چٺي اطلاعات کاتي سنڌ ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين ڏانهن!

پريس ڪلب شادي لارج جو سرپرست اعليٰ ۽ سينيئر صحافي غلام رسول بروهي جو نوجوان پٽ نذير احمد بروهي غربت ۽ بيروزگاريءَ سبب انتهائي معاشي ۽ ڏکين حالتن سبب اولاد جي علاج جو خرچ نه هئڻ ڪري ڪافي مهينن کان وٺي بيماري ۾ ورتل آهي، سخت تڪليف ۾ رهڻ بعد همدرد انسان دوست ۽ ڳوٺاڻن جاويد بروهي ۽ سندس مامون محمد حسن بروهي، محمد اڪرم جن پنهنجي همدردي جي بنياد تي کيس کڻي ٽنڊو محمد خان جي اسپتال منتقل ڪري دل واري اسپتال اين آءِ سي وي ڊي جي ايمرجنسي ۾ داخل ڪيو آهي. هن وقت تائين طبي ٽيسٽون هلندڙ آهن، بيمار صحافي جي نوجوان فرزند دل ۽ ساھ جي تڪليف ۽ ڦڦڙن ۾ پاڻي ڀرجڻ، جسم ۾ رت جي کوٽ ۽ ٻين ڪيترن ئي جسماني بيمارين ۾ ورتل آهي، جڏهن ته سينيئر صحافي غلام رسول بروهي جي به گذريل ڪيترن ئي سالن کان وٺي طبيعت ٺيڪ ناهي، هن زندگيءَ جا پورا 35 سال قلمي پورهئي صحافت کي ارپي ڇڏيا آهن پر صحافتي تنظيمن ۽ اطلاعات کاتي سندس ڪا به پرگهور نه لڌي آهي. صحافي غلام رسول بروهي ڪيترن ئي سالن کان بيماريءَ جو وس آهر علاج ڪرايو آهي، هاڻ ان وٽ سگھ نه رهي آهي، گذريل ڪيترن ئي سالن کان صحافي پنهنجي علاج لاءِ اطلاعات کاتي سنڌ ۽ چونڊيل نمائندن، ڊپٽي ڪمشنر بدين اڳيان وڏا وس ڪيا آهن پر سندس ڪا به مالي مدد نه ڪئي وئي آهي، بيماريءَ ۾ ورتل سينيئر صحافي جو سرڪاري خرچ تي علاج نه ڪرايو ويو آهي. اطلاعات کاتو ميڊيا جو سگهارو ادارو ته آهي پر بيمار صحافين جي سار سنڀال لهڻ لاءِ تيار نه آهي. ڇا اطلاعات کاتو نالي ماتر کاتو آهي جو بيمار صحافين جو علاج ڪرائڻ لاءِ انهن جو اکيون بند پيل آهن؟ صحافي غلام رسول بروهي گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بيمار هئڻ سبب پريشان آهي، ڪو به چونڊيل نمائندو سندس تڏي تي لڙي نه آيو آهي. اطلاعات کاتي سنڌ وارن کي صحافين، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا وسيلي بيماري جون خبرون نشر ڪيون آهن پر اطلاعات کاتو سنڌ خاموشي جو روزو رکي ستل آهي. اسان صحافين جي ڀلائي واري اطلاعات کاتي سنڌ، صحافتي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽ ٻين سرندي وارن کي پر زور اپيل ٿا ڪريون ته خدارا بيمار صحافي غلام رسول بروهي ۽ سندس پٽ نذير احمد بروهي جو سرڪاري خرچ تي مان علاج ڪرائي سندن زندگي بچائي وڃي.

صوفي محمد حسن نهڙيو/ ٿرپارڪر‎‎

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

(حصو پهريون)

اڄ مون ۽ استاد يوسف وساڻ چيسٽ جي ورزش ڪئي، ڪلهن جي سور ڇڏڻ جو نالو ئي نٿو وٺي، ورزش کان پوءِ ڏاهاڻي چانهه کڻي آيو، جيڪا اسان پارڪ ۾ ڪچهري ڪندي پيتي، ڪچهريءَ جو موضوع پهريان چوماسي جون برساتون هيون جن سنڌ ۽ سموري ملڪ ۾ تباهيون آنديون آهن ۽ پوءِ وري منهنجي رهائي ڇو نٿي ٿئي ۽ ان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون رنڊڪون آهن، ان تي هڪ وڏو تبصڙو هليو. اُستاد جو چوڻ آهي ته مون پنهنجا ڪم سڀ پاڻ ڦٽايا آهن، منهنجي طبيعت ۾ ايڏي سختي نه هجي ها جيڏي آهي ۽ جنهن جي ڪري ئي مون کي منهنجو مامون ۽ ماسي ڪيس نٿا لکي ڏين، هُن ڪجھه سوچڻ کان پوءِ چيو ته سڪندر لاشاريءَ جي بيڪار صلاحن تي توکي نه هلڻو هو، تون اهو ته ڏس ته هو توسان ڪيترو سچو آهي؟ تون هُن جي چئي ۾ اچي فرهاد ابڙو جھڙي وڪيل کان ڪورٽ ۾ جج جي روبرو لاتعلقيءَ جو اظهار ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ هُن جو چوڻ آهي ته هو پاڻ ٻڌل آهي ۽ تنهنجي ڪا به قانوني مدد نٿو ڪري سگھي. ڪجھه دير جي ماٺ کان پوءِ اُستاد وري چپ سوريا، ٻيو ته ٺهيو پر جي جسٽس توکي ننڍو ڏسي توکي سرڪاري خرچ تي هڪ وڪيل پي ڏنو ته تو اهو به نه قبول ڪيو. مون هڪ نظر پارڪ ۾ چڳندڙ آزاد پاريهرن تي وجھندي اُستاد يوسف کي جواب ڏنو ته اهو عمل به مون اڳوڻي سيشن جج سڪندر لاشاريءَ جي ئي چئي ۾ اچي ڪيو هو ۽ ان جو مون کي هميشه ڏک ۽ پڇتاءُ رهندو. کوليءَ ۾ اچي نيرن ڪيم. عابد جي طبيعت ۾ اڃا چاڪائي ناهي آئي، چوماسي جي برساتن ۽ خراب موسم شيخ کي ڊاهي وڌو آهي. شيو وغيره ڪري ٽاور تي بدر ڀائو ڏي هليو ويس، هيڏانهن هوڏانهن جي حالن احوالن کان پوءِ چيومانس ته ماسٽر دانش سان ملاءِ، بدر ڀائي ٽن چئن ماڻهن کي ماڙيءَ تي موڪليو پر سنتريءَ چيو ته SSP صاحب جو سختيءَ سان جھليل آهي ته ماسٽر جيل ۾ اندر داخل نه ٿئي، نيٺ بدر منير جت صاحب پاڻ وڃي ماسٽر کي وٺـي آيو. ماسٽر دانش مون کي ڏسي پهريان حيران ۽ پريشان ٿيو، پوءِ ڏاڍو خوش نظر آيو. هُن چيو ته تنهنجي ياريءَ جي ڪري مون کي بم لڳو آهي، هاڻ تون ئي سڀ ڪم ٻيهر بهتر ڪري سگھين ٿو، مون مُرڪي هُن کي چيو ته اهو ڀلا ڪيئن؟ ته هُن چيو ته آفيسرن کي پرُامن طريقي سان مطمئن ڪر. مون بدر ڀائيءَ کي چيو ته توهان مون کي SSP ملڪ اسلم سان جي ملايو ته معاملن ۾ بهتري اچي ويندي، هُن مرڪندي چيو ته وڏو صاحب اڄ ته آيوئي ناهي، اهو ڪم وري به سومر تي ئي وڃي ٿيندو. صاحب پنهنجي سر پاڻ ڀلو ماڻهو آهي، باقي هيٺيون اسٽاف حرامپائي ٿو ڪري، بدر ڀائي کي ڳالهائيندو ڏسي ماسٽر دانش شعر چيو ته:

بڑے ظالم ہیں تیرے شہر کے لوگ آصف،

قتل کرکے پوچھتے ہیں کہ جنازہ کس کا ہے؟ (جاري)

آصف غلام رسول ڇلگري/ سينٽرل جيل حيدرآباد