ميرپور خاص ۾ پ پ اميدوار ذوالفقار شاهه تي قاتلاڻو حملو، ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل

0
86

ميرپور خاص(رپورٽ: وارث خاصخيلي) ميرپور خاص ۾ پي ايس 46 تي بيٺل اميدوار ذوالفقار شاهه تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ پوليس جو چون آهي ته پ پ اميدوار سيد ذوالفقار علي شاهه قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿي پيوآهي

فائرنگ ۾ زخمي ٿيل پ پ اميدوار ذوالفقار شاهه کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، پوليس تصديق ڪئي آهي ته ذوالفقار شاهه جي گاڏي تي ڇهه کان ست گوليون فائر ڪيون ويون. ذوالفقار شاهه کي پهرين حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، جتي اسپتال مان طبي امدادملڻ بعد کيس ڪراچي ريفر ڪيو ويو آهي

ميڊيا رپورٽن موجب ذوالفقار شاهه کي گولي گاڏيءَ جو شيشو ٽوڙيندي سندس ڪنڌ ۾ لڳي آهي.  هوڏانهن اطلاع تي سوين پ پ جا ڪارڪن پهچي ويا ۽ پوليس توڙي رينجرز اسپتال پهچي وئي. ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ڳلي تي گولي جو نشان آھي ۽ ذوالفقار علي شاه کي ساه کڻڻ ۾ ڏکائي ٿي رهي آهي. کيس حيدرآباد وڌيڪ علاج لا۽ ريفر ڪيو ويو  آھي

ذوالفقار علي شاھ  اليڪشن ورڪ تان سنڌڙي کان  ميرپورخاص شهر پهتو هو جتان هو اڪيلو ڳوٺ عمر ٻگهيو وڃي رهيو هو ته  گاڏي تي شديد فائرنگ ٿي. ذوالفقار علي شاھ کي هڪ گولي لڳي، هوڏانهن ڪارڪنن پاران سول اسپتال جي گيٽ تي ڪارڪنن پاران احتجاج پڻ ڪيو ويو

پوليس موجب واقعي جي اطلاع تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. ٻئي پاسي اليڪشن ڪميشن واقعي جو نوٽيس ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺندي چيف سيڪريٽري ۽ آجءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته  حملي ۾ ملوث جوابدارن کيگرفتار ڪيو وڃي

  هوڏانهن حملي کان پوءِ ٽالپر هائوس ڊگهڙي کان اڄ نڪرندڙ ريلي جو پروگرام پ پ اميدوارن ميرطارق علي خان ٽالپر ۽ ميرمنور علي خان ٽالپر ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ان,موقعي تي پي ايس 46 پ پ اميدوار مير طارق ٽالپر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پ پ اميدوار سيد ذوالفقار علي شاھ تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪجي ٿي,قاتلاڻا حملا پ پ اميدوارن کي ڊڄاڙي نٿا سگهن

پ پ اميدوارن جا حوصلا مظبوط آهن۔واقعي جي شفاف جاچ ڪري ملوث ڌرين خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي۔8فيبروري پ پ مخالفن جي شڪست جو ڏينهن آهي۔

جڏهن ته اليڪشن ڪميشن واقعي جو نوٽيس ورتو، آءِ جي سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي جي هدايت

پوليس موجب  ذوالفقار شاهه پنهنجي گھر وڃي رھيو ته باءِ پاس وٽ ڪار سوار ھٿيار بندن مٿس حملو ڪيو