اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو پي ٽي آءِ جي اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي هراسان نه ڪرڻ جو حڪم

0
44
آڊيو ليڪس ڪيس ۾ انٽيليجنس بيورو جي بينچ تي اعتراض واپس وٺڻ واري درخواست به خارج
آڊيو ليڪس ڪيس ۾ انٽيليجنس بيورو جي بينچ تي اعتراض واپس وٺڻ واري درخواست به خارج

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي هراسان نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، چيف جسٽس عامر فاروق پي ٽي آءِ جي وڪيلن شعيب شاهين ۽ علي  بخاري جي درخواستن تي ٻڌڻي هلائي

 وڪيل شعيب شاهين موقف اختيار ڪيو ته پوليس اسان جي حامين کي کنڀي کين چوي ٿي ته پي ٽي آءِ کان ڌار ٿي وڃو، وڪيل علي بخاري چيو ته  اسان جي پولنگ ايجنٽن کي فون ڪري ڌمڪايو ٿو وڃي،

 اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جيتريون به درخواستون مليون، ان ئي ڏينهن ڪارروائي جو حڪم ڏنو

 چيف جسٽس اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کان پڇاڻوڪيو ته توهان سڀني شين کي پنهنجي اختيارن تحت ڇو نه ٿا ڏسو؟

رات ٽي وي تي ڏٺو اليڪشن ڪميشن لاهور جي پريس ڪانفرنس جو نوٽيس ورتو آهي، اسلام آباد ننڍڙو شهرآهي توهان هتي ڪارروائي نه ٿا ڪري  سگهو، عدالت پي ٽي آءِ اميدوارن ۽ ڪارڪنن کي هراسان نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي  ايندڙ هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي