ميھڙ(ن پ ا) اليڪشن مھم جي سلسلي ۾ اين اي 227 ۽ پي ايس 80 جي اميدوارن جي ورڪ لاء آيل پ پ پ اڳواڻن کان سخت پڇاڻو، ڳوٺ جڙيو ھالو ۾ پ پ پ جي اين اي 227 جي اميدوار عرفان ظفر لغاري ۽ پي ايس 80 جي اميدوار عبدالعزيز جوڻيجو جي اليڪشن مھم جي سلسلي ۾ اڳوڻو ضلعي چيئرمين اشرف سولنگي، زبير جوڻيجو، اين اي 227 جو اميدوار عرفان لغاري جو ڀاء اڳوڻو ايم اين اي عمران لغاري ۽ ٻيا قافلي جي صورت ۾ ورڪ لاء پھتا ته ڳوٺاڻن سڪندر ھالو، گلاب خان، عبدالرزاق، پرويز، غلام سرور ھالو ۽ ٻين پ پ پ اڳواڻن کان سخت پڇاڻو ڪيو ٻوڏ ۾ سار نه لھڻ، نوڪريون نه ڏيڻ ووٽ وٺڻ کان پوءِ گم ٿي وڃڻ جو شڪايتون ڪندا رھيا. پ پ پ اميدوار ڳوٺاڻن کي ويڊيو رڪارڊ نه ڪرڻ جون منٿون ڪندا رھيا جڏھن ته ڳوٺاڻن پاران تڪ تي بيٺل اميدوارن جي نه اچڻ تي وڌيڪ ڪاوڙ جو اظھار ڪيو بعد ۾ پ پ پ اڳواڻ سخت سوال جواب ڪرڻ تي اٿي ھليا ويا.