ميرپورخاص ڀرسان مهمان ٿي آيل همراهه جو ٽنگيل لاش هٿ

0
123
ڪنڌڪو: ڌاڙيل ٽڪر سبزوئي

ميرپورخاص(ن پ ا) ميرپورخاص جي علائقي ڊگهڙي ڀرسان پراڻو دمبالو ديهه151 ۾ مهمان ٿي آيل همراهه جو ٽنگيل لاش آيو آهي، جنهن بعد علائقي ۾ ڏهڪاءُ ڇائنجي ويو

ٽنڊوالهيار واسي 41 ورهين جي ڌنارام عرف ڌنو پٽ فقيرو ميگهواڙ جو اوطاق اندر ڇت جي ڪاٺي (لاٽڻ) ۾ پنهنجي ئي خميس جي ڪپڙي سان ٽنگيل لاش ھٿ آيو آھي

 ڳوٺاڻن پاران ڦاهو کائي آپگھات  ڪرڻ جو ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته اطلاع تي ڊگهڙي پوليس پهچي لاش کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب سندس وارثن جي اچڻ بعد پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو