قتل ٿيل عرفان مهر جي ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري

0
201
قتل ٿيل عرفان مهر

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويل سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان علي مهر جي پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي

سيڪريٽري سنڌ بار ڪائونسل عرفان علي مهر کي اڄ صبح ان وقت نشانو بڻايو ويو جڏهن هو پنهنجي ڌيءَ کي اسڪول ڇڏي گهر واپس وڃي رهيو هو

واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به منظر عام تي اچي وئي آهي جنهن ۾ موٽرسائيڪل تي سوار هيلمٽ پهريل 2 ڄڻن کي عرفان علي مهر جي گاڏي تي فائرنگ ڪندي ڏٺو پيو وڃي

ايس ايس پي ايسٽ قمر جسڪاڻي ان حوالي سان ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ تان 30 بور پستول جا 3 خول مليا آهن. جڏهن ته هاڻي عرفان علي مهر جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ به سامهون اچي وئي آهي ۽ پوليس سرجن جناح اسپتال ڊاڪٽر سمعيه موجب عرفان علي مهر جي جسم ۾ پنج گوليون لڳيون، ٻه گوليون سيني ۾، ٻه منهن ۾ ۽ هڪ گولي ٻانهن ۾ لڳي. ڊاڪٽر سمعيه جو چوڻ هو ته گوليون ويجهي کان ننڍي هٿيار مان فائر ڪيون ويون

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ وڪيل عرفان مھر جو قتل: پوليس کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو شڪ