ميرپورخاص(رپورٽر) ميرپورخاص ميونسپل ڪاميٽي جو چيف آفيسر چارج ڇڏي روانو ٿي ويو، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي خط لکي ڇڏيو، ان ڏس ۾ ميرپورخاص ۾ مال پڙي جو ٺيڪو حاصل ڪرڻ تان ٻن بااثر ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار کانپوءِ عيد کان ھفتو اڳ بدلي ٿي آيل 19 هين گريڊ جي چيف ميونسپل آفيسر گل محمد کوکر سيڪريٽري لوڪل گورنميٽ کي چارج ڇڏڻ جو خط لکي ڪراچي روانو ٿي ويو، چيف ميونسپل آفيسر پاران سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ کي لکيل ليٽر ۾ ڄاڻايو آھي ته ھن کاتي جي اعليٰ عملدارن ۽ ميونسپل ايڊمنسٽريٽر جي حڪمن تي عمل ڪندي مال پڙي اقبال پمپ کان ديهه 117 ڳوٺ عبدالله پنھور تعلقي حسين بخش مري ۾ منتقل ڪئي، جنھن کانپوءِ ڪجهه بااثر ڌريون مال پڙي جي ان طرف منتقل ٿيڻ جا مخالف آھن، جيڪي مون مٿان دٻاءُ وجھي رھيا آھن ته مال پڙي ڳوٺ حاجي عبدالله پنھور ۾ منتقل نه ڪئي وڃي، يا کين لکت ۾ ڏنو وڃي ته مال پڙي غير قانوني طريقي سان ان طرف منتقل ٿي آھي، ھن ليٽر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آھي ته مال پڙي جي منتقلي کان پوءِ ڪجهه بااثر ماڻھن پاران کيس قتل جون ڌمڪيون ملي رھيون آھن ۽ خاندان کي نقصان رسائڻ لاءِ ھراسان ڪري رھيا آھن، جنھن ڪري ھو پنھنجا فرض صحيح طريقي سان سرانجام نه پيو ڏئي سگھي، تنھنڪري چارج ڇڏي پيو وڃان، ياد رھي ته مال پڙي جي منتقلي جي حوالي سان ٻن ڌرين پ پ اڳواڻ رئيس غلام قادر مري ۽ ٽرانسپورٽر وڪيل سلامت علي لاکي وچ ۾ تڪرار ھلندڙ آھي، جنھن سبب ھڪ مھيني ۾ 3 ڀيرا سي ايم اوز تبديل ٿي چڪا آھن.