مٺي (رپورٽر) مٺي تعلقي جي ڳوٺ ڀڪوئو ۾ زهريلي لسي پيئڻ سبب ميگهواڙ برادري جي هڪ ئي خاندان جا 10 ڄڻا بيهوش ٿي ويا. بيهوش ٿيل ڳوٺاڻن کي مٺي سول اسپتال داخل ڪيو ويو. متاثر ڳوٺاڻن ۾ چمن ميگهواڙ، ڪيول ميگهواڙ، پراڳو، شريمتي ناجو، شريمتي سانتو، امولک، مارئي، هوتچند ۽ ٻيا شامل آھن. متاثرن جي وارثن موجب واقعو لسي واپرائڻ سبب واقعو پيش آيو، ٿي سگهي ٿو ته لسي ۾ زهريلو جيت پئجي ويو هجي. متاثرن کي دست ۽ الٽيون شروع ٿيون ۽ بيهوش ٿيڻ لڳا ته کين کڻائي اسپتال داخل ڪرايو. متاثر ڳوٺاڻن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن. ڊاڪٽرن پاران سندن زندگيون بچائڻ لاءِ ڪوششون جاري آھن. ڊاڪٽرن موجب ڳوٺاڻن زهريلي لسي واپرائي جنهن ڪري واقعو پيش آيو آھي، سندن حالت خطري کان ٻاهر آھي.