ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ هوٽل تي ماني کائي فرار ٿيندڙ گروهه ڊرامائي انداز ۾ سوگهو، ڪٽڪي بعد پوليس حوالي. خبر موجب باءِ پاس جي هوٽل تي ماني کائي بل ڏيڻ بدران فرار ٿيندڙ گروهه کي هوٽل مالڪ ڊرامائي انداز ۾ پڪڙي ڪٽڪو ڏيڻ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان هوٽل مالڪ عبدالڪبير دائوپوٽو جو چوڻ هو ته گذريل ڪجھه مهينن کان گروهه هوٽل تي ماني کائڻ ايندو هو، جيڪو ماني جو بل ڏيڻ بنا فرار ٿي ويندو هو، هوٽل مالڪ موجب ڪالهه هنن دستور موجب ماني کاڌي جنهن دوران 2 ڄڻا پهريان فرار ٿي ويا، ٻن جي تاڙ ۾ هوٽل جا مزدور چوڪس بيٺل هئا، جن بنا بل ڏيڻ جي رفو چڪر ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن کي هوٽل جي مزدورن سوگهو ڪري ورتو، هن ٻڌايو ته 4 ڄڻن جو ڄاڻايل گروهه مختلف وقتن تي اٽڪل 26 هزار روپين جي ماني کائي چڪو آهي، جنهن جو هنن بل ادا ناهي ڪيو.