ميرپورخاص: قتل ٿيل نوجوان جا قاتل سندس ئي زال ۽ سس نڪتا

0
494

ميرپورخاص: ميرپورخاص لڳ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ٿيل محمد ابراھيم لغاري جا قاتل سندس پيار جو پرڻو ڪندڙ زال، سس ۽ ڀيڻيوو نڪتا. ڪجهه ڏينهن اڳ ابراھيم جو تشدد ٿيل لاش ميرواھ لڳ شاخ مان ٻوري ۾ بند ٿيل مليو ھو. ميرپورخاص سي آئي اي پوليس جوابدار مقتول جي زال حميرہ عرف ڀوري، سندس سس اللّه بچائي عرف مُني ۽ راجا مير زمان کي گرفتار ڪري ورتو آھي ۽ قتل ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار به هٿ ڪرڻ جي دعوي’ ڪئي آھي. پوليس جو چوڻ آھي ته ابتدائي تحقيق موجب فوتي مقتول محمد ابراھيم لغاري ٻي پسند جي شادي مسمات حميرہ عرف ڀوري سان ڪئي هئي ، تاريخ 15 مئي تي مقتول محمد ابراھيم لغاري پنهنجي زال حميرہ سان گڏ ساهرن وٽ ويل هو جيڪو رات جو تقريبن 2:30 بجه پنهنجي ساهرن جي گهر ۾ ننڊ ستل هو ته سندس زال حميره عرف ڀوري ، سس اللّه بچائي عرف مُني ۽ حميرا جي ڀيڻيوي راجا مير زمان پاڻ ۾ صلاح ڪري سندس سس اللّه بچائي عرف مُني ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش کي گھر ڀرسان مرغي فارم ۾ لڪائي رکيو ۽ وري ٻي رات ٻين نامعلوم جوابدارن سان گڏجي لاش کي ٻوري ۾ وجهي جمڙائو ڪئنال ۾ اڇلائي ڇڏيو هوـ