ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ٻين تعليمي بورڊز جيان تعليمي بورڊ ميرپورخاص به حڪومت پاران فنڊ نه ملڻ ڪري سخت مالي بحران جي ور چڙهي ويو آهي، فنڊن جي کوٽ سبب تعليمي بورڊ جي ملازمن جي پگھارن سميت مختلف وهنوار ٺپ ٿي ويا آهن، ذريعن موجب تعليمي بورڊ ميرپورخاص پاران ڏهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جا ورتل سالياني امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪرڻ لاءِ امتحاني ڪاپين جي چڪاس ڪندڙ استادن کي سندن معاوضو ادا ڪرڻ لاءِ فنڊ موجود نه هجڻ جي ڪري ڏهين ۽ ٻارهين ڪلاس جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي سالياني امتحانن جا نتيجا وقت تي پڌرا نه ٿيڻ جا خدشا وڌي ويا آهن، جنهن ڪري هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون پريشان ٿي ويا آهن، ان حوالي سان تعليمي بورڊ جي آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيئيشن جو اجلاس ٿيو، جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن اشرف خان بوزئي، اعجاز ڪاڪا، انواز احمد، صلاح الدين ۽ ٻين چيو ته حڪومت پاران فنڊز جي فراهمي نه ٿيڻ سبب تعليمي بورڊ مالي بحران جو شڪار ٿي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته تعليمي بورڊ جا فنڊ جاري ڪري مالي بحران مان ڪڍيو وڃي،