ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مبينا پوليس مقابلو، ٽن زخمين سميت 4 جوابدار گرفتار، اي وي ايل سي پوليس جي ايس ايس پي بشير بروهي دعويٰ ڪئي آهي ته عزيز ڀٽي پارڪ وٽ ڪار لفٽرز سان پوليس پارٽي جو مقابلو ٿيو، پوليس پارٽي ناڪابندي ڪري بيٺل هئي، اهلڪارن ناڪي تي جوابدار کي بيهڻ جو اشارو ڪيو پر جوابدارن بيهڻ بجاءِ پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني. جوابي فائرنگ ۾ 3 جوابدار زخمي ٿي پيا، زخمين سميت 4 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي موجب گرفتار جوابدارن ۾ اقبال پنهور، دلاور بروهي، اختر علي ۽ الطاف حسين شامل آهن. ايس ايس پي موجب جوابدارن جي قبضي مان هڪ ڪار ۽ 2 پستول هٿ ڪيا ويا. ايس ايس پي موجب جوابدارن جو تعلق بين الصوبائي گروهه سان آهي، ڪار گاڏيون چوري ۽ ڦر ڪري پنجگور ۾ وڪرو ڪندا هئا.