ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ صحت کاتي جي اختيارين ميرپورخاص، سانگھڙ ۽ نوشهري فيروز ضلعن جي سول اسپتالن ۾ هڪ کان 4 گريڊ تائين جون ڀرتيون بنا سبب روڪي ڇڏيون! صحت کاتي جي سيڪريٽري جي هدايتن تي ٽنهي ضلعن جي ڊي ايچ اوز کي خط لکي ڀرتيون روڪڻ لاءِ حڪم جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته ميرپورخاص، سانگھڙ ۽ نوشهروفيروز سول اسپتالن ۾ هڪ کان 4 گريڊ تائين جون خالي پيل جايون ڀرڻ لاءِ ِ اميدوارن کان درخواستون گھرايون ويون هيون. صحت کاتي جي اختيارين ڪو سبب ٻڌائڻ بنا ڀرتين وارو عمل روڪڻ جو ِ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. ڊي ايڇ اوز ڏانهن اماڻيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مٿان جي هدايتن تي ڀرتيون روڪيون پيون وڃن.