ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي بهادرآباد مان شهري کان هڪ ڪروڙ رپيا ڦر، ان ڏس ۾ ڪالهه بهادرآباد جي چار مينار چورنگي ويجهو موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ڪار سوار کان هڪ ڪروڙ رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. نجي ڪمپني جي مالڪ نيو ٽائون ٿاڻي تي پهچي ڪيس داخل ڪرايو. نجي ڪمپني جي مالڪ موجب گذريل ڏينهن بينڪ مان هڪ ڪروڙ رپيا ڪڍرائي جيئن ئي پنهنجي گهٽي ۾ داخل ٿيس ته موٽر سائيڪل سوار جوابدارن روڪي رقم گهري، مزاحمت جي ڪوشش تي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون جوابدار رقم کسي فرار ٿي ويا. پوليس موجب واقعي جي ايف آءِ آر داخل ڪري جوابدارن جي سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪري ورتي آهي،