ميروخان (ن پ ا) ميروخان ۾ الله بخش مائينر جي کاٽي اڌ ۾ ڇڏڻ خلاف آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي واحد خاصخيلي، امداد جي وانڍ، صابن چنو، درمحمد مستوئي ۽ ٻين ڳوٺن جي آبادگارن غلام نبي خاصخيلي، يونس چنو، غلام حسن بروهي، حنيف خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته الله بخش مائينر جي کاٽي گذريل ڪيترن ئي سالن کان ناهي ٿي، جنهن ڪري پڇڙي ۾ پاڻي نٿو پهچي، هنن چيو ته احتجاج ڪرڻ کان پوءِ گذريل ڏينهن شاخ جي کاٽي جو ڪم شروع ٿيو جيڪو مڪمل ٿيڻ کان اڳ انجنيئر عبدالغفور سومرو بند ڪرائي مشينري واپس ڪرائي ڇڏي آهي، هنن چيو ته پاڻي نه پهچڻ سبب زمينون غير آباد بڻيل آهن، هنن مطالبو ڪيو ته شاخ جي کاٽي ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي. بعد ۾ پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي آبادگارن جون آبپاشي عملدارن سان فون تي ڳالهيون ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو، جنهن کانپوءِ ٽريفڪ بحال ٿي وئي.