ميروخان (ن پ ا) ميروخان ڀرسان ذهني معذور ٻارڙي سان مبينا زيادتي جي ڪوشش، جوابدار سوگهو، ڪيس داخل. خبر موجب ڳوٺ عبدالطيف تونيو ۾ جوابدار وحيد مگسي 15ورهين جي آسيا تونيو سان مبينا زيادتي جي ڪوشش ڪئي. نينگري جي ڀاءُ غلام نبي تونيو ٻڌايو ته ڳوٺ ڀائي خان مستوئي جي رهواسي وحيد مگسي آسيا کي گهرن ڀرسان پاڻي جي واٽرڪورس ۾ وٺي وڃي زيادتي جي ڪوشش ڪئي ته سندس سئوٽ واجد تونيو کيس ڏسي ورتو، جنهن جوابدار کي پڪڙي ورتو، اطلاع تي پوليس پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آهي. هوڏانهن نينگري جي وڏي ڀاءُ غلام نبي تونيو جي فرياد تي ڄاڻايل جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.