ميران شاهه ۾ فورسز ۽ دهشتگردن ۾ جهڙپون، 3 جوان شهيد، 3 دهشتگردي به مارجي ويا

0
254
ميران شاهه ۾ فورسز ۽ دهشتگردن ۾ جهڙپون، 3 جوان شهيد، 3 دهشتگردي به مارجي ويا
ميران شاهه ۾ فورسز ۽ دهشتگردن ۾ جهڙپون، 3 جوان شهيد، 3 دهشتگردي به مارجي ويا

اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ چڪرين دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا، 4 زخمي به ٿي پيا، دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيا ويا آهن

آءِ ايس پي آر موجب ميران شاهه ۾ جهڙپون ٿيون، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 سڪيورٽي اهلڪار به شهيد ٿي ويا، شهيد اهلڪارن ۾ 40 سالن جو صوبيدر اصغر علي، 26 سالن جو سپاهي نسيم ۽ 22 ورهين جو سپاهي محمد زمان شامل، ٽنهي شهيدن جو تعلق فرنٽيئر ڪور سان هو

 آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته جهڙپن ۾ 3 دهشتگرد به مارجي ويا ۽ انهن جا 4 ساٿي زخمي ٿي پيا، اسان جا حوصلا بلند آهن، بهادر سپاهين جون قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون