سامونڊي طوفان بائپر جواءِ ۾ وڌيڪ شدت، ڪراچي پورٽ تي الرٽ جاري

0
560

ڪراچي/ ٺٽو/ ملير (نمائندن وٽان ) سمنڊ ۾ طوفان جي شدت برقرار، اڃا سوين مهاڻن سمنڊ ۾ موجود آهن،

سمنڊ ۾ طوفان جي شدت برقرار آهي، مهاڻن جي واپس اچڻ جو سلسلو تيز ٿي ويو، اڃا سوين مهاڻا سمنڊ ۾ موجود آهن

مهاڻا سماجي سنگت جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته هن وقت سوين لانچز کلي سمنڊ ۾ موجود آهن

 مهاڻا سماجي سنگت اڳواڻ موجب ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ، لٺ بستي  ۽ ٻين علائقن جا مهاڻا سمنڊ ۾ موجود آهن مهاڻن کي وسندين ۾ الرٽ رهڻ لاءِ  لائوڊ اسپيڪر تي اعلان ڪيا ويا، ملير ضلعي انتظاميا طرفان مهاڻن کي  محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نه پيو ڪيو  وڃي

سمنڊ ۾ طوفان جي شدت برقرار، ڪراچي پورٽ تي الرٽ جاري ڪيو ويو، تيز برساتن جو امڪان پڻ آهي

موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان 15جون جي صبح  تائين ڪيٽي بندر ۽ گجرات جي وچ ۾  ٽڪرائي سگهجي ٿو

طوفان سنڌ جي سامونڊي پٽي ڏانهن وڌي رھيو آھي، طوفان بياپر جواءِ ڪراچي جي ڏکڻ  طرف 770ڪلوميٽر جي فاصلي  تي آهي

سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي  ڪراچي پورٽ تي الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، طوفان ٺٽي کان 740ڪلوميٽر جي  فاصلي تي آهي

پي ڊي ايم اي طوفان سبب  ملاحن کي سمنڊ ۾ وڃڻ  کان روڪي ڇڏيو ، موسميات کاتي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 14جون جي صبح تائين سسٽم اتر طرف وڌي سگهي ٿو

15جون جي صبح تائين سامونڊي طوفان ڪيٽي بندر ۽ گجرات ۾ ٽڪرائجي سگهي ٿو ، سامونڊي طوفان سبب تيز برساتن جو امڪان آهي

ٺٽي، سجاول، بدين، ٿرپارڪر ۽ عمر ڪوٽ 13 جون 17 تائين برسات جا امڪان آهن، ڪراچي، حيدرآباد، ٽنڊو محمدخان، ٽنڊو الهيار ۽ ميرپورخاص ۾ به برساتن جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب ٺٽي، سجاول ۽ بدين ۾ هوا جي رفتار 80کان 100ڪلو ميٽر في ڪلاڪ ٿي سگهي ٿي، موسميات کاتي طرفان عمرڪوٽ، ٿر پارڪر ۾ به تيز هوائن سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي

صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي سامونڊي پٽي جي  موسم واري صورتحال تي نظر آهي، سامونڊي پٽي وارن ضلعن جي انتظاميا  الرٽ آهي، سرڪاري ملازمن کي هدايتون جاري ڪيو ويون آهن

ٻئي پاسي جاتي جي ڪناري واري پٽيءَ تي طوفانجا اثر ظاهر ٿيڻ لڳا، هوائون بند، سامونڊي ويرون چڙهڻ لڳيون، فوجي جوان پهچي ويا

پاڪ فوج جي جوانن پاران مهاڻن کي مڇيءَ جي شڪار کان روڪيو ويو، مهاڻن  پنهنجا هوڙا ڪناري تي بيهاري ڇڏيا

سامونڊي طوفان بائپر جواءِ جي شدت ۾ اضافو، سندس رخ سنڌ ۽ گجرات جي ڪناري واري پٽيءَ طرف وڌڻ لڳو آهي، ٺٽي جي ضلعي انتظاميه ادارن  کي هاءِ الرٽ ڪندي ڪنٽرول  روم قائم ڪري ڇڏيو