لاهور (م ڊ) نواز ليگ پنجاب جي صدر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته فواد چوڌري مون تي ڪيس داخل ڪرائي، فريادي پاڻ بڻجي، موقف تي آهيان. وفاقي وزير فواد چوڌري طرفان دهشتگردي ڪيس داخل ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جو موقف سامهون اچي ويو. راڻا ثناءُ الله خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته فواد چوڌري دير نه ڪري منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪرائي، وفاقي وزير منهنجي بيانن کي پابندي پيل تنظيم جي سربراهه جي بيانن سان ڀيٽ ڪري، ايئن نه ته وزيراعظم جي ئي بيانن سان ڀيٽي ڏسن، وفاقي وزير وزيراعظم خلاف به ڪيس داخل ڪرائن، روڊ بند ڪرڻ جو طريقو ڪنهن شروع ڪيو هو؟ ڪنهن سڄو پاڪستان بند ڪرائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، هن چيو ته آفيسرن کي خبردار ڪرڻ دهشتگردي آهي يا انهن کي پنهنجي هٿن سان ڦاهي ڏيڻ وارو بيان دهشتگردي آهي، هن چيو ته آئون پنهنجي موقف تي قائم رهندس، ڌمڪين کان پوئتي نه هٽندس. نواز ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته فواد صاحب راڻا ثناءُ الله کان پهرين عمران صاحب کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڇڏي اچو، هو 2014ع کان روپوش آهي، ڪيس داخل آهي پر گرفتاري اڃا تائين ناهي ٿي. ليگي ترجمان وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته عمران خان صاحب چيو هو ته اڙي، آءِ جي هنن کي مارڪٽ ڪيو، اهو آواز ڊي چوڪ تي اڄ به گونجي رهيو آهي.