اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سائنس ٽيڪنالاجي جو قلمدان سنڀاليندڙ وفاقي وزير شبلي فراز رمضان جي چنڊ جي تاريخ ٻڌائڻ واري فواد چوڌري جي ڪم سان اختلاف ڪندي چيو آهي ته عيد ۽ روزن جو ٻڌائڻ سائنس ٽيڪنالاجي وزارت جو ڪم ناهي، ڪالهه ٻيهر وفاقي وزير طور حلف کڻڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو هر وزير جي پنهنجي راءِ هوندي آهي،، سائنس ٽيڪنالاجي جي وزارت اهم وزارت آهي، بدقسمتي سان گذريل حڪومتي دورن ۾ هن وزارت ۾ ڪو ڪم نه ٿيو، اسان کي شين جي معيار کي برقرار رکڻو آهي، هن وزارت جي وڌيڪ ترقي لاءِ ڪم ڪندس. هن چيو ته رانا ثناءُ الله مٿان آفيسرن تي ڌمڪيون ڏيڻ تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيڻ گهرجي، ملڪ جي ترقي لاءِ قانون جي بالادستي قائم ڪرڻي پوندي، شبلي فراز چيو ته جهانگير ترين سان ڪا ذاتي دشمني ناهي، قانون ۽ انصاف تي سمجهوتو نه ٿيندو، پي ٽي آءِ جي اسيمبلين جي ميمبرن جي پهرين همدردي عمران خان ۽ پارٽي جي نظريي سان آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي جو مستقبل صرف سنڌ تائين آهي، پيپلزپارٽي وري به سياسي ڳالهيون ڪري ٿي، پر ن ليگ ملڪ کي جاگير سمجهي ٿي، احتساب سڀني لاءِ آهي، وزيراعظم تحريڪ لبيڪ بابت واضح پاليسي ڏئي ڇڏي آهي.