اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيپلزپارٽي چيو آهي ته وزارتن ۾ تبديلين سان وزيراعظم جي نالائقي واضح ٿئي ٿي، مسئلو ڪابينا ۾ نه آھي مسئلو ڪابينا جي نا اهل سربراهه ۾ آھي. جاري ڪيل بيان ۾ پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيوآ هي ته وزارتن ۾ تبديلين سان وزيراعظم جي نالائقي واضح ٿئي ٿي، ڪپتان ئي نالائق هجي ته جهاز کي ٻڏڻ کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو، عوام مهانگائي ۾ پيسجي رهي آهي ۽ نيرو گهٻرائڻو ناهي واري بانسري وڄائي رهيو آهي. هوڏانهن پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو آھي ته مسئلو ڪابينا ۾ نه آھي مسئلو ڪابينا جي نا اهل سربراهه ۾ آھي عمران خان جي نااهلي سبب ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آھي.