حيدرآباد / ڄامشورو(نمائندا) اينٽي ڪرپشن کاتي ڄامشورو جي هڪ ٽيم ڀٽائي نگر ۾ ڇاپو هڻي مهراڻ يونيورسٽي  جي اڳوڻي اڪائونٽنٽ ثاقب شاهه کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو گهر تي موجود نه هو جنهن ڪري سندس گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي. اهو ڇاپو اينٽي ڪرپشن ڄامشورو جي سرڪل آفيسر منور نائچ جي سربراهي ۾ هنيو ويو. اينٽي ڪرپشن ڄامشورو جي سرڪل آفيسر مطابق ثاقب شاهه خلاف هڪ ڪروڙ 59 لک رپين جي ميڊيڪل بلن ۾ خرد برد جي ايف آءِ آر داخل ٿيل آهي. سندس گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن پر هو هٿ اچي نه سگهيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته اينٽي ڪرپشن ڄامشورو جي ٽيم پاران روزانو جي بنياد تي سندس گهر تي چڙهائي ڪئي پئي وڃي جنهن جي ڪري گهرڀاتي سخت پريشان آهن. ٻئي پاسي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ ڪرپشن وارن پيسن ڪڍرائڻ جو رڪارڊ پنهنجي اخبار حاصل ڪري ورتو، رڪارڊ موجب مهراڻ يونيورسٽي جي اڳوڻي اڪائونٽ آفيسر ثاقب شاهه، سندس فيملي ۽ هڪ ليب اٽينڊٽ پاران مختلف اڪائونٽن ذريعي 21 لک رپين کان وڌيڪ پيسا ڪڍرايا، جنهن جو سمورو تفصيل رڪارڊ ۾ موجود آهي، اينٽي ڪرپشن ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻي اڪائونٽ آفيسر پاران 75 لک جي ڪرپشن ڪئي وئي هئي، جنهن مان 21 لک رپيا هن يونيورسٽي کي واپس ڪيا هئا.