ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي واسين جي تفريح لاءِ قائم ڪيل منهوڙو بيچ فيملي پارڪ ڪمرشل  پارڪ ۾ تبديل ٿي ويو، ڪينٽونمينٽ بورڊ ڳريون فيون مقرر ڪري ڇڏيون، منهوڙي بيچ فيملي پارڪ ۾ هڪ هٽ جي 3 ڪلاڪن لاءِ 5 سئو رپيا في مقرر ڪئي وئي، انتظاميا بورڊ تي هٿ سان نئين في 500 رپيا لکي ڇڏي، فيملي پارڪ ۾ اندر داخل ٿيڻ لاءِ في ٻار 20 رپيا ۽ وڏي عمر وارن لاءِ  50 رپيا ٽڪيٽ في مقرر ڪئي وئي، واش روم جي في 10 رپيا ۽ وهنجڻ جي في 50 رپيا مقرر ڪئي وئي. شهرين سنڌ حڪومت کان فين تي نظر ثاني جو مطالبو ڪيو آهي. واضح رهي ته وڏي وزير 3 مهينا اڳ منهوڙي بيچ فيملي پارڪ جو افتتاح ڪيو هو.