مهانگائي حڪومت ۽ سياسي پارٽين جي ايجنڊا تي ڇو نه آهي ؟

0
199
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ملڪ مان مهانگائي گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي. وٺي به ڪيئن ؟ جڏهن حڪمرانن ۽ مخالف سياسي پارٽين جي ايجنڊا ۾ عوامي مسئلا هئڻ بدران سياسي پوائنٽ اسڪورنگ هجي ته عوام کي رليف ڏيڻ جو حڪمرانن کي ڇو ته فڪر ٿيندو؟ اسان جي ملڪ جي سياست به عجيب آهي سڄي دنيا عوام جي اشوز ۽ معاملن تي هڪٻئي خلاف سياست ڪنديون آهن پر اسان جي ملڪ جي سياست ۾ ڄڻ ته عوامي اشوز اهميت ئي نه ٿا رکن. پي ٽي آءِ جي ٽن سالن جي حڪومت دوران عوام تي مهانگائي حملن مٿان حملا ڪيا آهن، حڪومت رڳو عوام کي جلد بهتري اچڻ جا دلاسا ڏيندي ٿي رهي ۽ مخالف سياسي پارٽيون انهي مهانگائي تي ڳالهائڻ بدران رڳو ڌانڌلي ۽ ٻين سياسي معاملن تي ڳالهائينديون رهيون ۽ انهن خلاف احتجاج به ڪنديون رهيون پر ڪڏهن به سنجيده ٿي مهانگائي لاءِ ڪا تحريڪ يا ڪو احتجاج نه ڪيو جيڪو عوام جو بنيادي ۽ اهم مسئلو آهي.
گذريل مهيني ۾ پيٽرول جون قيمتون ٽن مرحلن ۾ 10 رپيا في ليٽر وڌايون ويون ،بجلي جي اگهن ۾ ايتري واڌ ڪئي وئي آهي جو عام ماڻهو ته هاڻي گهر ۾ رڳو هڪ پکو ۽ هڪ بلب به افورڊ نه ٿو ڪري سگهي،اٽي جون قيمتون ڪيتري وقت کان جيڪو مٿي پهتيون آهن اهي ڪڻڪ جي سيزن گذرڻ کانپوءِ به هيٺ لهڻ جو نالو نه ٿيون وٺن،کنڊ ته هاڻي ڄڻ رڳو اميرن جو ائٽم ٿي ويو آهي انهي کانسواءِ کائڻ پيئڻ جي ٻين شين جون قيمتون ڪنهن هڪ هنڌ بيهڻ جو نالو نه ٿيون وٺن. جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن رڳو اهي شيون ٻه رپيا سستو ٿين ٿيون ته ٻن ڏينهن جي وقفي بعد انهن جي قيمت ڏهه رپيا وڌي وڃي ٿي.اهڙي طرح عوام جا خرچ ڏينهون ڏينهن وڌندا وڃن ٿا ۽ انهن جي آمدني اتي جو اتي آهي رهن به گهٽبي رهي ٿي، مٿان وري ڪورونا جي چوٿين لهر جاري آهي جنهن ڪري به ڪاروبار کان وٺي ڏهاڙي جي مزدوري به متاثر ٿي رهي آهي. ڪورونا جا ڪيس وڌڻ تي ڪاوربار ٿورو وقت کليل رکڻ جي اجازت آهي جنهن ڪري مزدوري به متاثر ٿئي ٿي ته هوٽلون ،شاپنگ سينٽر ۽ بازارون جلدي بند ٿيڻ ڪري ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ يا ننڍو ننڍو روزگار ڪندڙ ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن. سنڌ جي گادي واري هنڌ ۾ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌڻ ڪري اتي سنڌ حڪومت مڪمل لاڪ ڊائون جو سوچي رهي آهي جنهن ڪري به عام ماڻهو خاص ڪري غريب ماڻهن جي ڪمائي جا دروازا بند ٿي ويندا. جيڪي روزگار هئڻ باوجود هن مهانگائي کي منهن ڏيڻ کان قاصر هئا ته اهي ڪاروبار بند ٿيڻ ڪري ڪيئن پنهنجي ۽ خاندان جي گذر سفر جو بندوبست ڪري سگهندا. هڪ طرف کليل مارڪيٽ ۾ مهانگائي جو زور آهي، جتي سرڪار جو ڄڻ ڪو عمل دخل نه هجي، مٿان وري جتي سبسسڊي ذريعي يوٽيلٽي اسٽورن تي عام ماڻهن کي ڪجهه رليف ملي رهيو هو، اها سبسڊي واپس وٺي اتي به کائڻ پيئڻ ۽ عام استعمال جي شين جون قيمتون وڌائڻ جي سرڪار منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ڪري اتي به کنڊ کان وٺي گيهه ،اٽي ۽ دالين جا اگهه وڌي ويا آهن ۽ غريب عوام کي ڄڻ ته هڪ ٻيو جهٽڪو لڳو آهي. توڙي جو انهن يوٽيلٽي اسٽورن جو گهڻو فائدو وڏن شهرن جي رهواسين کي وڌيڪ ٿئي ٿو ۽ ننڍن شهرن ۾ مليل اها سهولت هن حڪومت اچڻ کانپوءِ گهٽائي وئي آهي ۽ اتي ڪيترائي يوٽيلٽي اسٽور بند ڪيا ويا آهن پر تنهن هوندي به وڏن شهرن ۾ رهندڙ مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت انهن مان فائدو حاصل ڪري رهيا هئا جيڪو هاڻي کين نه ملي سگهندو جيڪا غريب عوام سان سراسر زيادتي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته اها سڄي صورتحال واضح ڪري ٿي ته حڪمرانن توڙي مخالف سياسي پارٽين جي عوام کي ڪا پرواهه ئي ناهي جو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي تي ڪنٽرول نه ٿي رهيو آهي. حڪمران مخالف سياسي پارٽين جي دٻاءَ تي عوام کي رليف ڏيڻ تي مجبور هونديون آهن، جڏهن مخالف سياسي پارٽيون ئي مهانگائي خلاف ڪو اثرائتو آواز نه اٿارينديون ته حڪومت کي ڪهڙي پرواهه جو عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کڻي جيڪا عوام جي کيسي تي بار وجهي پنهنجا خرچ پورا ڪرڻ ۾ رڌل آهي .