من پسند ماڻھن ۾ ايوارڊز جي ورھاست تي فضيلا قيصر چڙي پئي، وڊيو پيغام جاري

0
267

من پسند ماڻھن ۾ ايوارڊز

ڪراچي: پاڪستان جي مشھور اداڪارا فضيلا قيصر شوبز انڊسٽري ۾ پسند جي بنياد تي سٺا ڪردار ۽ ايوارڊز ملڻ خلاف آواز اٿاريو آھي

پاڪستان جي ورسٽائل اداڪارا فضيلا قيصر شوبز انڊسٽري ۾ پسند جي بنياد تي سٺا ڪردار ۽ ايوارڊ ملڻ خلاف آواز اٿاريو آهي، اداڪارا انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪئي، جنهن جي شروعات هن هڪ مشهور چوڻي ”ڀولڙو ورھائي ريوڙيون پنھنجن پنھنجن ۾“ سان ڪئي

فضيلا قيصر چيو ته اسان جي انڊسٽري ۾ هزارين اداڪار آهن جيڪي هڪ کان وڌيڪ بهترين ڪم ڪري رهيا آهن پر جڏهن به ايوارڊز تقريب ۾ سندن ڪم کي ساراهڻ ۽ مڃتا ڏيڻ جو وقت ايندو آهي ته چند خوشامد ڪندڙ ماڻھو اڳيان ھوندا آھن، اھو ڏسي افسوس ٿيندو آھي

اداڪارا پڇيو ته ”اسان ڪير آهيون، اسان جي ڪا سوچ ناهي، اسان جو ڪو نظريو ناهي، اسان کي نظر نه ٿو اچي يا باقي سڀ اداڪار مري ويا آهن؟

هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو انڊسٽري ۾ سٺو ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي نيڪ نيتي سان ساراهيو، انهن سان ناانصافي نه ڪيو پر صرف چند گروهن جو حصو بڻيل هڪ ٻئي جي حمايت ڪندي نظر اچن ٿا

پنهنجي وڊيو پيغام ۾ فضيلا قيصر جو چوڻ هو ته ڊرامن ۾ بهترين ڪردار صرف انهن کي ڏنا ويندا آهن جيڪي هڪ ٻئي کي غلط تعريفون ڏيندا آهن، ان کي انڊسٽري بڻايو وڃي