اشو آف دي ڊي مون کي ڪهڙي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو؟ مان ته نماز پڙهي رهيو هيس پنهنجي خدا جي… پشاور ۾ مسجد اندر آپگهاتي ڌماڪي بعد سوشل ميڊيا جو ردعمل

0
151
اشو آف دي ڊي مون کي ڪهڙي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو؟ مان ته نماز پڙهي رهيو هيس پنهنجي خدا جي... پشاور ۾ مسجد اندر آپگهاتي ڌماڪي بعد سوشل ميڊيا جو ردعمل

 پشاور ۾ جمعي نماز دوران مسجد اندر آپگهاتي بم ڌماڪي ۾ 57 نمازي شهيد ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڏک ۽ ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي، واقعي تي افسوس جو اظهار ڪرڻ سميت ذميوارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو، واقعي جون وڊيوز ۽ تصويرون شيئر ڪري ڏک جو اظهار ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ پشاور، پشاور اٽيڪ هيش ٽيگ ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيا. پنهل لاڙڪ شهيد نينگر جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڪجھه ڏينھن پهريان هڪ مجلس ۾ هي معصوم گلاب جو گل حسن عباس روئي رهيو هو، ڪالھه پشاور مسجد ڌماڪي ۾  شھيد ٿي ويو.

قائم علي خان به نينگر حسن عباس جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته امان نماز پڙهڻ لاءِ موڪليو هو شهيد ٿيڻ لاءِ نه، منهنجي مغفرت لاءِ دعا نه ڪريو، منهنجي قاتلن کي سزا ڏيو، جنهن تي رفيق اختر کوسو لکيو ته هي ظلم ڪيستائين رهندو، محسن ملاح ۽ اختيار بلوچ لکيو ته ان ننڍڙي نمازي سميت 57 بيگناهه شهيد ٿي ويا ۽ 194 نمازي زخمي ٿي پيا آهن، سانحي ۾ جيڪي به ملوث آهن انهن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏني وڃي، عامر علي به نينگر جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته امان اسڪول کان واپسي تي جلدي جلدي يونيفارم تبديل ڪري نماز لاءِ بابا سان گڏ اماڻيو هو ۽ هڪ ڪلاڪ بعد کلندو ڳالهائيندو حسن عباس جو رت ۾ ٻڏل جسم مليو، امجد بلتستاني لکيو ته پشاور ۾ بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪيو ويو، اسان لاءِ ڏک وارو ڏينهن آهي، اسان جون دعائون ۽ همدرديون متاثر خاندانن سان گڏ آهن،

عائشه ڌاريجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پشاور امام بارگاهه واقعي تي، اسان سوڳوار آهيون، ڏک ۾ شريڪ آهيون، اڄ  56 امڙين جون جهوليون اُجڙي ويون آهن، ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، اسان سوڳوار آهيون، اسان جون عبادتگاهون محفوظ ناهن ، اسان جا نوجوان ڀائر ،اسان جا وڏڙا محفوظ ناهن، معصوم ٻچڙا ،معصوم مُرڪون محفوظ ناهن ، اسان  جو سيڪيورٽي عملو محفوظ ناهي، جيءُ جُهوري وڌو  آهي پشاور واقعي، ننڍڙي ٻچڙي جي تصوير وائرل ٿي آهي  خدا جي واسطي اُها تصوير شيئر نه ڪريو، اسان مائُرن جا جيءَ جُهري پيا آهن ،ائين نه ٿئي جو اسان مائرون خودڪش ڌماڪن جي ڊپ کان  ،ان کليل دهشتگردي کان پنهنجا معصوم ٻچڙا گهرن ۾ بند ڪري ڇڏيون،  جنهن تي نعمت کهڙو، اشفاق ٽانوري، انيتا پنجاڻي ڏک جو اظهار ڪيو،  قاسم ملڪ لکيو ته انتھائي غم جو منظر، چوطرف لاش ئي لاش، انسانيت وحشانيت ۾ تبديل، وحشي انسانن معصوم ٻارن کان سندن حياتيون کسي ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي.

فياض حسين راڄپر لکيو ته ‏پشاور ۾ مسجد تي بم ڌماڪي جي خبر ٻڌي واقعي دل ٽٽي وئي، ٽن ڏينهن اندر هي ٻيو بم ڌماڪو آهي (اربع جي رات ڪوئيٽا بازار ۾ ۽ هاڻ هي هڪ). ڇا اسان دهشتگردي جي ٻي لهر مان گذري رهيا آهيون؟علي پنهور، نور بروهي افسوس جو اظهار ڪيو، دوست ايم بلوچ لکيو ته هڪ ڌماڪي کان پوءِ ٻئي ڌماڪي جو انتظار ڪيو ويندو آھي، شبير چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پشاور سانحي جي صوبائي ۽ وفاقي حڪومت مڪمل ذميوار  آهي ڇو جو رياست جي زميواري آهي ھر شھري جي حفاظت جي، باقي  الله پاڪ انهن ظالمن ۽ سندن حمايتن کي تباھه برباد ڪري جيڪي مسجد امام بارگاهه يا مندر ۾ انسانن کي بيگناهه شھيد ۽ زخمي ڪري رت وهائين ٿا ۽ امڙين ابي ڀينرن ڀائرن پاڙي وارن مٽن مائٽن انسانيت جو درد رکندڙن جون دليون رنجائين ٿا وڊيو ۾ ڏسي سگهو ٿا ته هي معصوم شھيد ٿيندڙ پنهنجي پيءُ جي لاءِ زارو قطار روئي رهيو آهي ظالمن قيامت صغرا قائم ڪئي آهي،

محب ڀيل لکيو ته پشاور سانحو، قيامت ڇا ٿيندي آهي، قيامت ڪهڙي هوندي؟ پاڻ کي پتو ناهي، پر هي لمحو ڇا قيامت کان گهٽ نه آهي.  عبدالوحيد ميئو وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته پشاور ڌماڪي جي هڪ شھيد کي سندس پٽ سڏڪن ۾ الوداع ڪري رهيو آهي. مختيار عباسي پشاور واقعي خلاف احتجاج جي پوسٽ شيئر ڪئي، امجد مڱڻهار لکيو ته مسجد يا مندر ۾ قتل ڪندڙن جو واسطو انسانيت سان ناهي.  ظفر عزيز ميتلو لکيو ته انساني جانين سان بيگناھه کيڏڻ بند ڪريو، حيدر قادر معصوم شهيد جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته ڪالھه پشاور مسجد ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻھو شھيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي، انھن مان ھڪ ھي معصوم زخمي آھي جنھن جي اکين سان اکيون ملائي ڏسڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.اسد الله چانڊيو لکيو ته ملڪي بجيٽ جو 80 سيڪڙو حصو دفاع ۾ ٿو وڃي انکان پوءِ به اگر  اھڙا واقعا ٿين ته ڇا ڪجي؟ انکان ته بھتر آھي 60.70 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيو وڃي ٿي سگھي ان سان انھن ظالمن ۾ شعور پيدا ٿئي ۽ اھڙا واقعا نه ٿين.ايم اعظم چاچڙ لکيو ته پشاور ۾َ ڪنھنجي حڪومت آھي ؟   عمران نيازي ھي ٻار جيڪو بابا بابا ڪري روئي  پيو ان جي والد جي شهادت جو ذميوار ڪير آهي؟  ان معصوم ٻار جي والد جي شھادت جي ايف آءِ آر حڪمرانن  مٿان داخل ڪئي وڃي ھن جي امڙ جي درد جي دانھن ڪير ٻڌندو؟ ڪٿي آھن وفاقي ادارا جن مٿان سالانه کربين رپيا خرچ ٿين ٿا، اهي ڪٿي آھن368 قومي ميمبر جن مٿان کربين رپيا خرچ پيا ٿيئن، ھن معصوم جي زندگي ۽ ھن معصوم جي خوشين جا قاتل ڪير گرفتار ڪري انصاف ڏيندو؟  رياست  مدينه  ۾ ھن معصوم جي والد جي شھادت جو  ذميوار ڪير آهي؟….

الطاف لاشاري لکيو ته الله پاڪ انهن ظالمن ۽ سندن حمايتن کي تباھه برباد ڪري جيڪي مسجد امام بارگاهه يا مندر ۾ انسانيت کي بيگناهه شھيد ۽ زخمي ڪري رت وهائين ٿا ۽ امڙين ابي ڀينرن ڀائرن پاڙي وارن مٽن مائٽن انسانيت جو درد رکندڙن جون دليون رنجائين ٿا، علي عباس جمالي لکيو ته پشاور مسجد ۾ بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي  ويل هڪ شخص مٿان سندس ٻالڪ هنجون هاريندو رهيو، جڏهن ته سيد مجاهد حسين نقوي، زبير احمد، حيدر قريشي، غلام شبير، زوار شفيق جان، راجا شعيب بليدي، انور علي، راجا بلوچ، الياس سومرو، احسان علي شابراڻي، سيد رضوان عباس، ارشد ڪياني، سيد الياس ڪاظمي، فدا حسين ميرالي، فرحان علي وارث، ردا زهريٰ، علي رضا، مريد عباس، جميل سولنگي، اخلاق بخاري، بلاول لاکو، يامين چانڊيو، خرم نواز گنڊاپور، اياز لطيف پليجو، شمشاد عالم، گلزار بلتستاني،سيد ذلفي بخاري، نعيم الله ڪانڌڙو، غضنفر عباس ملاح، گلشن لغاري، مسرت ذوالفقار ۽ ٻين به واقعي جي مذمت ۽ شهادتن تي ڏک جو اظهار ڪندي ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو.

  ملڪي بجيٽ جو 80 سيڪڙو حصو دفاع ۾ ٿو وڃي انکان پوءِ به اگر  اھڙا واقعا ٿين ته ڇا ڪجي؟ ان کان ته بھتر آھي 60.70 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيو وڃي ٿي سگھي ان سان انھن ظالمن ۾ شعور پيدا ٿئي ۽ اھڙا واقعا نه ٿين. پشاور ۾َ ڪنھنجي حڪومت آھي ؟  عمران خان ھي ٻار جيڪو بابا بابا ڪري روئي پيو ان جي والد جي شهادت جو ذميوار ڪير آهي؟  ان معصوم ٻار جي والد جي شھادت جي ايف آءِ آر حڪمرانن  مٿان داخل ڪئي وڃي ھن جي امڙ جي درد جي دانھن ڪير ٻڌندو؟ ڪٿي آھن وفاقي ادارا جن مٿان سالانه کربين رپيا خرچ پيا ٿين، اهي ڪٿي آھن368 قومي ميمبر جن مٿان کربين رپيا خرچ پيا ٿين،ھن معصوم جي زندگي ۽ ھن معصوم جي خوشين جا قاتل ڪير گرفتار ڪري انصاف ڏياريندو؟  رياست  مدينه  ۾ ھن معصوم جي والد جي شھادت جو  ذميوار ڪير آهي؟ …….