ملير جي نيوسبزي منڊي ويجهو سپر هاءِ وي تان ڪراچي کان ميرپور خاص ويندي ٽن نوجوانن جي اغوا واري واقعي جو 5 اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، بازياب ٿيل نوجوان ذوهيب مري جي فرياد تي پوليس سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ڪئي، پوليس ناردرن باءِ پاس ويجهو شھباز ڳوٺ مان شڪ جي بنياد تي ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس موجب نوجوانن جي موبائل فون جي جيو فرانزڪ ۽ گاڏي جا فنگر پرنٽ وٺي جاچ لاءِ اماڻيا ويا آهن…..
هوڏانهن ايم پي اي ڄام شبير علي خان ۽ سيد ذوالفقار شاهه جي رابطي بعد وڏي وزير نوٽيس ورتو، مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري مغوين جي جلد بازيابي لاءِ قدم کڻڻ جون هدايتون ڪيون….