ملير ۾ سنڌي وسندين تي قبضي خلاف بحريه ٽائون آڏو ڌرڻي ۾ فنڪارن جي به شرڪت

0
209

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير معيار او يار! ملير ۾ سنڌي وسندين تي قبضي خلاف بحريه ٽائون آڏو ڌرڻي ۾ فنڪارن جي به شرڪت، مانجهي فقير ۽ ٻين فنڪارن طرفان قومي گيت ڳائي سنڌي وسندين تي قبضي جي سازش کي ناڪام بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آھي، سنڌ بحريه ٽائون کي رد ڪري ٿو، ملير ۾ سنڌي وسندين تي قبضي خلاف بحريه ٽائون آڏو ڌرڻو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻيل، سماجي رابطن واري ويبسائيٽ ٽوئيٽر تي سنڌ ريجيڪٽس بحريه ٽائون ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو، فيس بُڪ تي به بحريه ٽائون انتظاميا تي ڇتي تنقيد، سنڌي وسندين تي قبضي واري سازش ناڪام بڻائڻ جو عزم ڪيوويو آھي.