موري ڀرسان باھ سبب 40 گھر سڙي رک، متاثر مسيحا جا منتظر

0
249

مورو (ن پ ا) رات دير سان لڳل باھ سبب 40 گھر سڙي رک جو ڍير بڻيل متاثرين وٽ ڪو به چونڊيل نمائندو لڙي نه آيو، کليل آسمان ھيٺ ويٺل متاثرين مسيحا جا منتظر آهن، رات دير سان مورو ڀرسان ڳوٺ لنڊو ۾ چله مان لڳل باھ سبب 35 کان 40 گھر سڙي رک جو ڍير ٿي ويا ھئا، متاثرين م غلام قادر سومرو، علي حيدر سومرو، نذير احمد سومرو، محمد بخش سومرو، محمد امين سومرو، سرور سومرو، سڪندر علي، محمد حنيف سومرو، محمد عظيم، نديم سومرو، شيرل سومرو، مير ماڇي، ھمزہ ماڇي، صديق ماڇي، رحمت اللہ ماڇي، امام بخش ماڇي، بلاول ماڇي، امير بخش ماڇي، يعقوب ماڇي، شبير ماڇي، علي نواز ماڇي، حسن ماڇي، اقبال ماڇي، قربان ماڇي، محمد رحيم ماڇي، بشير احمد ماڇي، مسمات حسنہ ماڇي، جمع ڪورائي، غازي ڪورائي، غفار ڪورائي، ياسين ڪورائي، حاجي ڪورائي سميت ٻيا شامل آھن، جن جي گھر م پيل پيل الھ تلھ سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو جنھن م روڪ رقم، سونا زيور، اناج، ھنڌ، کٽون، جڏھن تہ چئن ڪنوارن جو ڏاج پڻ شامل آھي جن جي ايندڙ مھيني م شادي رٿيل ھئي، جڏھن ته باھ سبب چار ٻڪريون سڙي مري ويون آھن، متاثرن وٽ ھن مھل تائين ڪو به چونڊيل نمائندو ايم پي اي، ايم اين اي، ڪمشنر، ڊي سي سميت ڪا به انتظاميه نه پھتي، متاثرين نٽھڻ اس ۾ بک تي ويٺل آھن.