ٽنڊوجان محمد: چار گهر ڀاتي 6 ڏينهن کان پراسرار طور گم

0
285
ٽنڊو آدم ۽ ميهڙ ۾ مبينا پوليس

ٽنڊوجان محمد(ن پ ا) شيخ برادري جا چار گهر ڀاتي گذريل 6 ڏينهن کان پراسرار طور گم، ڪو به ڏس پتو نه پيو، 30سالا دلاور شيخ ۽ 25 سالا مسمات ميران شيخ، 9سالا ڌي عائشه عرف چاندني، 7سالا پٽ بلال شيخ ڇهه ڏينهن کان پراسرار طور گم آهن، گم ٿيل گهر ڀاتين جي مائٽن مسمات ميران جو پي خميسو شيخ ۽ دلاور جو پي نياز شيخ پاران ٻارن جي گم ٿيڻ جي ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي وئي. سندن چوڻ آهي ته ڪٻاڙ جو گاڏو هلائي پيٽ گذر ڪريون ٿا، ٻارن جي ڪري سڄو گهر پريشان آھي، ٻارن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.