ملير: شيرين جوکيو پاران ڪيس جي مدعي ٿيڻ لاءِ درخواست داخل

0
783
مونکي خيرات نه گهرجي

ملير (رپورٽر) ملير پوليس ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ حتمي چالان پيش نه ڪري سگهي، عدالت ۾ چالان تي  ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن عدالت کي ٻڌايو ته چالان جي اسڪروٽني ناهي ٿي، ان ڪري وقت ڏنو وڃي

جڏهن ته مقتول ناظم جوکيو جي گهرواري شيرين جوکيو پاران ڪيس جي مدعي ٿيڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته  مون کي ڪيس جو مدعي ڪيو وڃي، مدعي افضل جوکيو  تي دٻاءُ آھي

عدالت پراسيڪيوشن حتمي چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 جنوري تائين ملتوي