سپريم ڪورٽ 60 سالن بعد تربيلا ڊيم متاثرن جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

0
177
سپريم ڪورٽ ۾ اختيارن

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ 60 سالن بعد تربيلا ڊيم متاثرن جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت متاثرن جي دعويٰ خلاف واپڊا جي اپيل رد ڪري ڇڏي

عدالت متاثرن کي معاوضو ۽ متبادل زمين ڏيڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو. نامزد چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته پاليسي موجب تربيلا ڊيم متاثرن کي متبادل زمين نه ملي، نامزد چيف جسٽس واپڊا جي وڪيل کان پڇيو ته 206 متاثرن کي ڏيڻ لاءِ ڪيتري زمين جي ضرورت آهي

واپڊا جي وڪيل چيو ته متاثرن کي ڏيڻ لاءِ 5 هزار ايڪڙ زمين گهربل آهي، نامزد چيف جسٽس چيو ته واپڊا ڪو رستو ڳولي ۽ متاثرن کي معاوضو ڏئي، واپڊا ڀاشا ڊيم متاثرن جا مسئلا به حل ڪيا، 12 ايڪڙ زمين جو هڪ لک 7 هزار معاوضو نه هئڻ جي برابر آهي