ڊي جي ماحوليات نعيم مغل ۽ اڳوڻي ڊي جي بقاءَ الله انڙ سميت 6 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

0
288
ڊي جي ماحوليات نعيم مغل

ڪراچي: سنڌ جي ماحوليات کاتي پاران قانون جي خلاف ڪمرشل ۽ رهائشي اسڪيم کي غير قانوني منظوري ڏيڻ جو انڪشاف، ماحوليات واري ٽربيونل پاران ڊي جي ماحوليات نعيم مغل ۽ اڳوڻي ڊي جي بقاءِ الله انڙ سميت 6 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ٽربيونل جي چيئرمين نثار احمد شيخ ۽ ٽيڪنيڪل ميمبر عبدالرئوف ميمڻ پاران ماحوليات کاتي جي ڊي جي نعيم مغل، اڳوڻي ڊي جي بقاءِ الله انڙ، ڪراچي جي ريجنل ڊائريڪٽر عاشق علي لانگاه، ڊپٽي ڊائريڪٽر وارث علي گبول، اسڪيم جي مالڪ محمد سميع قريشي ۽ جهانگير اسد تي فرد جرم لاڳو ڪندي ڄاڻايو آهي ته ماحوليات کاتي جي ڄاڻايل آفيسرن ڪراچي جي اسڪيم 33 جي سيڪٽر اي جي ايراضي 2 ايڪڙن تي رهائشي ۽ ڪمرشل اسڪيم ”شاز ريزيڊينسي“ کي 22 فيبروري 2018ع تي غير قانوني طريقي سان ماحوليات جي بچاءُ واري قانون جي سيڪشن 17 ٽو جي خلاف ورزي ڪندي اسڪيم جي منظوري ڏني وئي آهي

فرد جرم واري آرڊر ۾ لکيو ويو آهي ته سيپا جو ڊائريڪٽر جنرل نعيم احمد مغل اداري جو سربراه هجڻ ناتي پنهنجي قانوني ڊيوٽي ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، انهي ڪري ڄاڻايل ڏوهه ۾ ماحولياتي بچاءُ واري قانون 2014 تحت فرد جرم لاڳو ڪيو وڃي ٿو، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ڊائريڪٽر جنرل ماحوليات نعيم احمد مغل ٻڌايو ته فرد جرم لاڳو ٿيڻ ۽ ٽربيونل هلندڙ ۾ ڪيس جي شنوائي ٿيندي رهندي، باقي اسان انهي هائوسنگ اسڪيم جي منظوري رد ڪري ڇڏي آهي