ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ملير جي ايس ايس پي عرفان بهادر جي ڀرتي چيلنج، ليگل نوٽيس به جاري ان ڏس ۾ ايڊووڪيٽ شاهه محمد زمان ايس ايس پي لير کي ليگل نوٽيس اماڻي ڄاڻايو آهي ته اوهان 1996ع ۾ شهيد ڪوٽا تي غيرقانوني طور ڀرتي ٿيا، اوهان جو والد سب انسپيڪٽر هو، جڏهن ته اوهان کي شهيد ڪوٽا تي سڌي ريت ڊي ايس پي ڀرتي ڪيو ويو، مقرري وقت اوهان جي عمر 18 سال ڪجهه مهينا ۽ تعليم رڳو انٽر هئي، اوهان ڪميشن امتحان لاءِ اهليت ئي نه رکندا هئا، اوهان عرفان بهادر جي ڊي ايس پي طور مقرري پڻ پوليس رولز جي خلاف ورزي آهي، اوهان 7 ڏينهن اندر جواب ڏيو، ٻي صورت ۾ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي.