مغوي نوجوان جون مائٽن کي ڀنگ پهچائڻ لاءِ منٿون، ڌاڙيلن جو تشدد

0
579

رائونتي: ٽي ڏينهن اڳ ڏهرڪي واسي ٻه هندو نوجوان عورتاڻي آواز تي هرکجي مبينا طور اغوا ٿي ويا هئا، جن مان هڪ نوجوان موهن لال مٿان ڌاڙيلن تشدد ڪري کيس مائٽن کان ڀنگ طلب ڪرڻ واري وڊيو ٺاهي ورتي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نوجوان موهن لال جي چهري ۽ ڪپڙن تي رت لڳل آهي جڏهن ته وڊيو ڀريندڙ ڌاڙيل مٿس ڏنڊن سان تشدد پڻ ڪندو رهي ٿو. موهن لال وڊيو ۾ روئيندي وارثن کي چوي ٿو ته ڌاڙيلن کي جلد 50 لک ڀنگ پهچايو وڃي نه ته هو کيس ماري ڇڏيندا. ان دوران ڌاڙيل مسلسل مٿس تشدد ڪندا رهن ٿا ۽ کيس بار بار ڀنگ لاءِ چوندا رهن ٿا ته ٻن ڏينهن اندر 50 لک رپيا پهچايا وڃن. نوجوان جي انسانيت سوز تشدد واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي جنهن ۾ هو وارثن کي روئي چئي رهيو آهي ته مونکي آزاد ڪرايو وڃي.