حديبيه پيپر ملز ڪيس پاناما کان وڏي ڪهاڻي آهي: فواد چوڌري

0
263
وفاقي حڪومت طرفان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حديبيه پيپر ملز ڪاٿي جي لحاظ سان پاناما ڪيس کان وڏي ڪهاڻي آهي، هي ڪيس اٽڪل 1242 ملين رُپين جي فراڊ جي ڪهاڻي آهي، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته حديبيه پيپر ملز ڪيس جي شروعات 2000ع ۾ ٿي، نيب ملز خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو، نيب اسڪينڊل جي نشاندهي ڪئي ته شريف خاندان رياست ۽ حڪومتي ادارن سان دوکو ڪيو، مامرو احتساب عدالت ۾ آيو ته شريف خاندا نڊيل ڪري سعودي عرب هليو ويو، پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ وچ ۾ ٿيل ناني ويڙهو به ڪيس ٻيهر روڪرائي ڇڏيو، چيو ويو ته نيب چيئرمين جي صحيح نه هجڻ سبب ڪيس نٿو هلي سگهي.