سنڌ ۾ مختلف روڊ حادثا، 4 ڄڻا فوت، هڪ زخمي

0
247
مورو ويجھو روڊ

ڪراچي (نمائندن وٽان) شاهپورچاڪر ۽ ڄام نواز علي ۾ روڊ حادثن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ڪيترائي زخمي ٿي پيا، شاهپورچاڪر ويجهو ڪار جي ٽڪر ۾ نوجوان خان محمد ماڇي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال پهچايو، ڊرائيور ڪار ڇڏي فرار ٿي ويو، ٻئي طرف ڄام نوازعلي ڀرسان روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيل عورت سميت 2 ڄڻا علاج دوران فوت ٿي ويا، زخمي 55 سالا علي حسن مجيداڻو ۽ 35 ورهين جي لطيفان خاتون زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا. هوڏانهن نيو سعيدآباد ويجهو قومي شاهراهه تي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪرٿيڻ سبب پيارو اوڏ فوت جڏهن ته جاويد اوڏ زخمي ٿي پيو، فوتي جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي