مشهور بالي ووڊ اداڪارا لارا دتا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

0
161
مشهور بالي ووڊ

ممبئي(شوبز نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا ۽ اڳوڻي مس يونيورس لارا دتا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي جنهن کانپوءِ هن جو گهر سيل ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ممبئي ميونسپل ڪارپورشن (بي ايم سي) اختيارين لارا دتا جي گهر کي سيل ڪندي هن علائقي کي مائيڪرو ڪنٽينمنٽ زون قرار ڏئي ڇڏيو

ڀارتي ميڊيا جي پاپارازيز لارا دتا جي گهر جي اندروني حصن جون تصويرون حاصل ڪيون آهن. انهن تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ممبئي جي علائقي باندران ۾ لارا دتا جي گهر کي ممبئي جي مڪاني اختيارين جمعي تي ٽيسٽ رپورٽ مثبت اچڻ کانپوءِ سيل ڪري نوٽيس لڳائي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته اداڪارا لارا دتا جي گهر ۾ صرف هن کي ڪورونا جي تصديق ٿي آهي