فيس بڪ تي محبت، جاپاني عورت پاڪستان پهچي وئي

0
342
فيس بڪ تي محبت

ڪراچي(دلچسپ نيوز) فيس بڪ تي دوستي ۽ پوءِ پاڪستاني جي محبت ۾ گرفتار 50 سالن جي جاپاني عورت سرگودها پهتي. تفصيل موجب جاپان سان تعلق رکندڙ 50 سالن جي حياسا سائڪا جي 32 سالن جي رضوان سان فيس بڪ تي دوستي ٿي جيڪا سرگوڌا جو رهواسي آهي، عورت رضوان جي محبت ۾ گرفتار ٿي ۽ پنهنجي ڌيءُ سان گڏ پاڪستان اچي وئي

حياسا جا رضوان سان ٽن سالن کان فيس بڪ تي لاڳاپا هئا، جڏهن ته سرگوڌا پهچڻ کانپوءِ حياسا اسلام قبول ڪيو جنهن کانپوءِ ٻنهي نڪاح ڪري ورتو

چيو پيو وڃي ته جاپاني عورت جي هيءَ چوٿين شادي آهي ۽ هوءِ هڪ ٻارڙيءَ جي ماءُ آهي ۽ جاپاني عورت سان گڏ هن جي ڌيءُ به اسلام قبول ڪري ورتو آهي. ٻئي طرف رضوان جي گهر وارن پٽ جي خوشيءَ جو خيال رکندي حياسا کي قبول ڪيو. ٻنهي جي شادي جي تقريب ۾ گهوٽ جي دوستن ۽ ويجهن مائٽن به شرڪت ڪئي