مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي سميت تعلقي حيدرآباد ۾ نئون بصر لهي منڊين ۾ پهچي ويو آهي. وفاقي سرڪار پاران بصر جي درآمد تي پابندي کان پوءِ سنڌ ۾ لھندڙ بصر جو اگھه ڪري پيو آهي ۽ آبادگارن جا مٿي تي ھٿ اچي ويا آهن. وفاقي توڙي صوبائي سرڪار کان درآمد تي ھڪدم پابندي ختم ڪري آبادگارن کي معاشي نقصان کان بچائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ جو ھڪ سگھارو فصل نصرپوري بصر لھڻ شرط ئي ايڪسپورٽ جي پابندين سبب اگھه ڪري پيو آھي، آبادگارن محمد يوسف ابڙيجو ، شاھ زمان ڪيريو ، آخوند عبداللطيف صديقي، محمد بخش وگهيو ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو آھي ته وزير خزانا صاحب حقائق کان اڻ ڄاڻ آھن اسان آبادگار ايڪسپورٽ تي پابندي کي سنڌ جي آبادگاران جو معاشي قتلام سمجھو ٿا ھنن چيو ته اسان وفاقي وزير خزانه ۽ سنڌ حڪومت جي اھڙي فيصلي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ھنن چيو ته جيڪو افغانستان ۽ ايران مان بصر اچي پيو اتان گھرائين پيا باقي سنڌ جي بصر تي پابندي ڇو ؟ ھنن چيو ته اگر ايڪسپورٽ بند آهي ته پوء امپورٽ به بند ڪن ته جيئن سنڌ جو بصر سنڌ م ئي ھلي. ھنن چيو ته اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته ايڪسپورٽ تان پابندي ختم ڪئي وڃي ء اھو فيصلو واپس ورتو وڃي ٻئي صورت م مجبورن ھاري ۽ آبادگار روڊن تي نڪري احتجاجي تحريڪ ھلائڻ تي مجبور بڻجي ويندا.