مسوڀرڳڙي (ن پ ا) مسوڀرڳڙي ۽ ڀرپاسي جي دڪانن تي غير رجسٽرڊ ڪمپنين جون ڪولڊرنڪ، جوس ۽ پيڪنگ وارو کير سري عام وڪرو ٿي رهيا آهن، نقلي مشروبات واپرائڻ سبب ڪيترائي ماڻهو بيمارين ۾ ور چڙهي ويا آهن، ان حوالي سان شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن محب لغاري، ڪامريڊ نثارلغاري، امجد رند، احسان علي خاصخيلي ۽ ٻين دانيهندي چيو ته شهر ۾ نقلي مشروبات جي وڪري سبب بيماريون پکڙجي رهيون آهن پر فوڊ ڪنٽرول کاتي ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نقلي مشروبات هلائيندڙن دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.