لاهور (م ڊ) لاهور جي سيشن عدالت مسجد نبوي صه واقعي جو ڪيس داخل  ڪرائڻ لاءِ ڌرين جي وڪيلن کي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو. لاهور جي مقامي عدالت ۾ مسجد نبوي صه واقعي تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، شيخ رشيد ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواست ۾ فواد چوڌري، شهباز گل ۽ عثمان ڊار جا نالا به شامل آهن. عدالت ڌرين جي وڪيلن کي 18 مئي تي دليلن لاءِ طلب ڪري ورتو. ياد رهي ته مسجد نبوي صه ۾ وفاقي وزيرن جي موجودگي جي موقعي تي اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو هو، جنهن ۾ ڪجهه ماڻهن چور چور جا نعرا لڳايا ۽ مريم اورنگزيب کي به گهٽ وڌ ڳالهايو هو، گڏوگڏ وفاقي وزير شاهه زين بگٽي جا وارَ به پٽيا ويا هئا، جڏهن ته ان نعريبازي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ عمران خان جو اڳوڻو صلاحڪار صاحبزادا جهانگير به اڳيان اڳيان هو پر جهانگير ترديد ڪئي آهي. مسجد نبوي صه جي واقعي کانپوءِ پاڪستاني عوام سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ واقعي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو هو.